Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:4 - Sindhi Bible

4 ۽ هو هر ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي بحث ڪندو هو، ۽ يهودين توڙي يونانين کي مڃائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 هو هر سبت جي ڏينهن تي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويندو هو ۽ بحث ڪري يهودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هو هر سبت جي ڏينهن تي يهودين جي عبادت‌خاني ۾ ويندو هو ۽ بحث ڪري يهودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ھو ھر ڪنھن سبت جي ڏينھن تي يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو ھو ۽ بحث ڪري يھودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا يافت کي وڌائي، ۽ سم جي تنبن ۾ رهي، ۽ ڪنعان هن جو غلام ٿئي.


حزقياہ اوهان کي انهيءَ لاءِ نٿو ٺڳاري ڇا تہ اوهان کي ڏڪار ۽ اُڃ ۾ مرڻ لاءِ ڏيئي ڇڏي، ۽ چوي ٿو تہ خداوند اسان جو خدا اسور جي بادشاهہ جي هٿن مان ڇڏائيندو؟


هن چيس، تہ جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ نبين جي نٿا ٻُڌن، تہ جي ڪو مئلن منجهان جي اُٿندو، تہ اُنهي جي بہ ڪين مڃيندا.


۽ هو ناصرت شهر ۾ آيو، جتي پاڻ نپنو هو، ۽ پنهنجي دستور موجب سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ ويو، ۽ پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو،


تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟


پر هو پرگا مان لنگهي پسديہ واري انتاڪيہ شهر ۾ آيا، ۽ سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي ويٺا.


۽ اڪونيم ۾ هيئن ٿيو جو هو گڏجي يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا، ۽ اهڙي تقرير ڪيائون جو يهودين توڙي يونانين جي هڪڙي وڏي جماعت ايمان آندو.


هاڻي هي ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کان وڌيڪ چڱا ماڻهو هئا، جو هنن وڏي شوق سان ڪلام قبول ڪيو، ۽ روز بروز پاڪ ڪتاب پڙهي ڏسندا هئا تہ اِهي ڳالهيون برابر ائين آهن يا نہ.


تنهنڪري هو عبادتخاني ۾، يهودين ۽ ديندار ماڻهن سان، ۽ بازار ۾ جيڪي گڏبا هئس تن سان، هر روز بحث ڪندو هو.


۽ چوڻ لڳا تہ هي شخص ماڻهن کي شريعت جي برخلاف خدا جي عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري.


پوءِ هو افسس ۾ اچي پهتا؛ ۽ کين اتي ڇڏي، عبادتخاني ۾ وڃي يهودين سان بحث ڪرڻ لڳو.


۽ اوهين ڏسو توڙي ٻُڌو ٿا تہ نہ رڳو افسس ۾، پر ساري آسيہ ۾، هن پولس گهڻن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سيکاريو آهي جو هو ڦري ويا آهن؛ هو چوي ٿو تہ هي جي هٿ جا ٺهيل آهن، سي ديوتا نہ آهن.


پوءِ هو عبادتخاني ۾ وڃي ٽن مهينن جي عرصي تائين همت سان ڳالهائيندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جي ڳالهين بابت بحث ڪندو ۽ ماڻهن کي مڃائيندو رهيو.


تڏهن اگرپا پولس کي چيو، تہ تون ٿوريءَ ئي ڪوشش سان مون کي مسيحي ڪرڻ ٿو گهُرين.


۽ جڏهن انهن ساڻس هڪڙو ڏينهن ٺهرايو، تڏهن گهڻائي گڏ ٿي سندس رهڻ واري هنڌ آيا، پوءِ هو خدا جي بادشاهت بابت شاهدي ڏيئي، ۽ يسوع جي بابت موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي ڪتابن مان دليل ڏيئي، صبح کان وٺي شام تائين کين سمجهائيندو رهيو.


۽ يڪدم وڃي عبادتخانن ۾ يسوع جي منادي ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.


تنهنڪري خداوند جو خوف ڄاڻي اسين ماڻهن کي سمجهايون ٿا، ۽ اسان جو حال خدا کي معلوم آهي، ۽ مون کي اُميد آهي تہ اوهانجين دلين کي بہ اسان جي حال جي خبر پيئي هوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ