Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:18 - Sindhi Bible

18 هاڻي پولس ٻيا بہ گهڻا ڏينهن اُتي رهيو، پوءِ ڀائرن کان موڪلائي جهاز تي چڙهي شام ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ساڻس گڏ پرسڪلہ ۽ اڪولہ بہ هئا. ۽ جيئن تہ هن منت مڃي هئي تيئن ڪنخريہ ۾ پنهنجو مٿو بہ ڪُوڙايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ وشواسين کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ ايمان وارن کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 پولس ڪرنٿس ۾ ڪيترا ئي ڏينھن رھيو. پوءِ ڀائرن کان موڪلائي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام ڏانھن روانو ٿيو. سفر کان اڳ ۾ ڪنخريا ۾ ھن پنھنجو مٿو ڪوڙائي ھڪ باس باسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:18
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ نذير جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ پنهنجو مڃتا وارو مٿو ڪوڙائي، ۽ پنهنجي مڃتا واري مٿي جا وار کڻي سلامتيءَ جي قربانيءَ جي هيٺان ٻرندڙ باهہ تي رکي.


بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن ڪو مرد يا ڪا زال ڪا خاص مڃتا مڃي، ۽ خداوند جي لاءِ نذير ٿيڻ واسطي ڇِلي ۾ ويهي:


۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو.


پوءِ جڏهن هنن کان موڪلائي رهيو، تڏهن دعا گهرڻ لاءِ جبل تي ويو.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


۽ سندن هٿان هيئن لکي موڪليائون تہ جيڪي غير قومن وارا ڀائر انتاڪيہ، ۽ شام، ۽ ڪلڪيہ ۾ ٿا رهن، تن کي رسولن ۽ بزرگن جا سلام رسن:


۽ ڪليسيائن کي مضبوط ڪندو، شام ۽ ڪلڪيہ مان لنگهي ويو.


اُتي هن کي اڪولہ نالي هڪڙو يهودي مليو، جنهن جو وطن پنطس هو، ۽ پنهنجي زال پرسڪلہ سان گڏ تازو اطاليہ مان آيو هو؛ ڇالاءِ جو ڪلوديس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم مان نڪري وڃن: ۽ هو انهن وٽ آيو.


هو همت جهلي عبادتخاني ۾ ڳالهائڻ لڳو؛ پر جڏهن پرسڪلہ ۽ اڪولہ هن جي تقرير ٻُڌي، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا، ۽ خدا جي واٽ جي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهاڻي ڏنائونس.


۽ جڏهن مرضي ٿيس تہ پار لنگهي اخيہ ۾ وڃان، تڏهن ڀائرن هن کي همتايو، ۽ شاگردن ڏانهن لکيائون تہ قبول ڪجوس. ۽ جڏهن هو اتي اچي پهتو، تڏهن جن فضل جي ڪري ايمان آندو هو، تن جي گهڻي مدد ڪيائين:


تنهنڪري جيئن اسين توکي چئون ٿا تيئن ڪر: اسان وٽ چار ماڻهو آهن، جن منت مڃي آهي؛


اُنهن کي وٺي وڃ، ۽ پاڻ کي وڃي هنن سان گڏ پاڪ ڪر، ۽ هنن جو اُجورو ڏي تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. پوءِ سڀني کي سُڌ پوندي تہ جيڪي ڳالهيون تنهنجي نسبت ٻُڌيون اٿن، سي سچيون ناهن؛ بلڪ تون پاڻ بہ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ پوريءَ طرح هلين ٿو.


۽ جڏهن ڪپرس ڏسڻ ۾ آيو، تڏهن اُنهي کي کٻي پاسي ڇڏي اسين شام ڏانهن هلياسين، ۽ صور ۾ وڃي لٿاسين: جو اُتي جهاز کي پنهنجو مال لاهڻو هو.


آئون اوهان کي فيبيءَ جي سفارش ٿو ڪريان، جا اسان جي ڀيڻ ۽ ڪنخريہ جي خادمہ آهي،


۽ يهودين جي لاءِ آئون يهودين جهڙو ٿيس تہ يهودين کي هٿ ڪريان؛ جيڪي شريعت جي ماتحت آهن، انهن جي لاءِ آئون شريعت جي ماتحت ٿيس، جيتوڻيڪ آئون پاڻ شريعت جي ماتحت نہ هوس، سو انهي لاءِ تہ شريعت وارن کي هٿ ڪريان.


تنهن کانپوءِ آئون شام ۽ ڪلڪيہ جي پرڳڻن ۾ آيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ