Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:14 - Sindhi Bible

14 پر جڏهن پولس ڳالهائڻ تي هو، تڏهن گليو يهودين کي چيو، تہ اي يهودي قوم، جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستي يا وڏي برائيءَ جي ڳالهہ هجي ها، تہ پوءِ واجبي آهي تہ آئون صبر ڪري اوهان جي ٻُڌان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پولس ڳالھائڻ تي ھو، پر گورنر گليوءَ يھودين کي چيو تہ ”اي يھودي قوم! جيڪڏھن اھا ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي بڇڙي ڳالھہ ھجي ھا تہ پوءِ واجبي ھو تہ آءٌ صبر سان اوھان جي ڳالھہ ٻڌان ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اُهو جاهلن ۽ گمراهہ ٿيلن سان نرميءَ جي هلت ڪري ٿو سگهي، ڇالاءِ جو هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ کان آجو نہ آهي.


جيڪڏهن ڪو اچي ٻئي يسوع جي منادي ڪري جنهن جي اسان منادي نہ ڪئي، يا جيڪڏهن اوهان کي ڪو ٻيو روح ٿو ملي جو اڳي نہ مليو اٿوَ، يا ٻي ڪا خوشخبري ٿي ملي جا اوهان قبول نہ ڪئي هئي، تہ پوءِ اهو چڱو ٿا ڪريو ڇا جو انهي جي برداشت ٿا ڪريو؟


شل اوهين منهنجي ٿوري بيوقوفيءَ جي برداشت ڪريو، ها منهنجي برداشت تہ ڪريو ٿا.


ڇالاءِ جو نيڪ ماڻهوءَ کي حاڪم جو ڊپ ڪونهي پر بدڪار کي آهي. ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي حاڪم جو ڊپ نہ رهي؟ تہ پوءِ نيڪي ڪر تہ اُهو تنهنجي تعريف ڪندو:


مگر سندس بابت مون کي ڪابہ پڪي خبر ڪانهي جا پنهنجي مالڪ ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان جي اڳيان، خاص ڪري، اي اگرپا بادشاهہ، تنهنجي اڳيان، حاضر ڪيو آهي، تہ هن تحقيقات مان ڪا لکڻ جهڙيءَ ڳالهہ جي خبر پويم.


تنهنڪري جي آئون قصوروار آهيان، ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم، تہ آئون مرڻ کان انڪار ڪونہ ٿو ڪريان: پر جن ڳالهين جو هي مون تي الزام ٿا آڻين، تن مان جي ڪابہ سچي ڪانهي، تہ پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق ڪونهي تہ مون کي سندن حوالي ڪري.


پر پولس چيو تہ آئون يهودي آهيان، ترسس جو ويٺل آهيان جو ڪليڪيہ جو هڪڙو مشهور شهر آهي؛ منهنجو عرض آهي تہ مون کي ماڻهن سان ڳالهائڻ جي موڪل ڏي.


۽ اٽڪل چاليهن ورهين جي مدت تائين رڻ پٽ ۾ سندن ڪمن جي برداشت ڪيائين.


هن انهن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد قوم، ڪيستائين آئون اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ مون وٽ وٺي اچوس.


۽ هو پنهنجو وات کولي هنن کي تعليم ڏيڻ لڳو تہ:


۽ چوڻ لڳو تہ ”اي شيطان زادا، تون جو هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بدڪاريءَ سان ڀريل، ۽ هر طرح جي نيڪيءَ جو دشمن آهين، تون خداوند جي سنئين واٽن کي ڦيرائڻ کان بس ڪين ڪندين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ