Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:13 - Sindhi Bible

13 ۽ چوڻ لڳا تہ هي شخص ماڻهن کي شريعت جي برخلاف خدا جي عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اهي گورنر کي چوڻ لڳا تہ ”هي اهو شخص آهي جيڪو ماڻهن کي اهڙي نموني ڀڳتي ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اهي گورنر کي چوڻ لڳا تہ ”هي اهو شخص آهي جيڪو ماڻهن کي اهڙي نموني عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 اھي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو شخص آھي جيڪو ماڻھن کي اھڙي نموني عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:13
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهودين جواب ڏنس تہ اسان جي شريعت آهي، ۽ اُنهيءَ شريعت موجب هو موت جي لائق آهي، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خدا جو فرزند بنايو آهي.


پر جيڪڏهن اهي اهڙا سوال آهن، جن جو واسطو لفظن ۽ نالن ۽ خاص اوهان جي شريعت سان آهي، تہ پوءِ اوهين ڄاڻو، اوهان جو ڪم ڄاڻي، منهنجي مرضي نہ آهي تہ آئون انهن ڳالهين جو منصف ٿيان.


۽ هو هر ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي بحث ڪندو هو، ۽ يهودين توڙي يونانين کي مڃائيندو هو.


۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ اي اسرائيل جا رهاڪو، مدد ڪريو: هيءُ اُهو ماڻهو آهي جو جتي ڪٿي سڀني ماڻهن کي اُمت، ۽ شريعت، ۽ هن مڪان جي برخلاف سيکاريندو وتي. تنهن کانسواءِ هي يونانين کي بہ هيڪل ۾ وٺي آيو آهي ۽ هن پاڪ مڪان کي پليت ڪيو اٿس.


مگر پولس پنهنجي بچاءَ ۾ چيو، تہ مون نڪو يهودين جي شريعت جو ڪو ڏوهہ ڪيو آهي، نہ هيڪل جو، نڪي قيصر جو.


۽ ڪوڙا شاهد کڙا ڪيائون، جن چيو تہ هي ماڻهو هن پاڪ جاءِ ۽ شريعت جي برخلاف ڳالهائڻ کان بس ئي نٿو ڪري:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ