Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:7 - Sindhi Bible

7 ۽ اُنهن کي ياسون پاڻ وٽ ٽڪايو آهي: ۽ اِهي سڀ قيصر جي حڪمن جي برخلاف ٿا هلن، جو چون ٿا تہ بادشاهہ ڪو ٻيو آهي، يعني يسوع.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 ۽ ياسون انهن کي پاڻ وٽ رهايو آهي. اهي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف‌ورزي ڪندي چون ٿا تہ راجا ڪو ٻيو آهي، جنهن جو نالو يسوع آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ۽ ياسون انهن کي پاڻ وٽ رهايو آهي. اهي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف‌ورزي ڪندي چون ٿا تہ بادشاهہ ڪو ٻيو آهي، جنهن جو نالو عيسيٰ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ياسون انھن کي پاڻ وٽ رھايو آھي. اھي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف⁠ورزي ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ بادشاھہ ڪو ٻيو آھي، جنھن جو نالو عيسيٰ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي ڪي يهودي آهن يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، جن کي تو بابل جي ڪم ڪار تي مقرر ڪيو آهي، انهن اي بادشاهہ تنهنجي پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي: هو تنهنجن معبودن جي عبادت نٿا ڪن، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي، تنهن کي سجدو ٿا ڪن.


تڏهن هنن ورنديءَ ۾ بادشاهہ جي حضور عرض ڪيو، تہ اي بادشاهہ، اُهو داني ايل جو يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان آهي، سو نہ تنهنجي پرواهہ ٿو رکي، نہ تنهنجي منع نامي جي، جنهن تي تو صحيح ڪئي آهي، پر هو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا دعا گهري ٿو.


هاڻي جڏهن هو پنهنجو رستو وٺي پئي ويا، تہ هو هڪڙي ڳوٺ ۾ ويو، ۽ اُتي مارٿا نالي هڪڙي زال هن کي پنهنجي گهر آڻي ٽڪايو.


۽ اُهي مٿس تهمت رکي چوڻ لڳا، تہ اسان ڏٺو آهي تہ هي ماڻهو قوم کي بگاڙي ٿو، ۽ قيصر کي ڍل ڏيڻ کان منع ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو تہ آئون پاڻ مسيح بادشاهہ آهيان.


تنهن تي پلاطس کيس ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي: پر يهودين واڪو ڪري چيو تہ جي تو هن ماڻهوءَ کي ڇڏيو آهي، تہ تون قيصر جو خيرخواهہ نہ آهين: جيڪو پاڻ کي بادشاهہ ٿو سڏائي سو قيصر جي برخلاف ٿو ڳالهائي.


۽ اهڙيون رسمون ڪڍيون اٿن، جي اسان رومين کي قبول ڪرڻ، ۽ اُنهن تي هلڻ روا ناهن.


پر يهودين حسد جي ڪري ڪي بازاري بدمعاش پاڻ سان وٺي گڏ ڪري شهر ۾ آڻي گڙٻڙ مچائي؛ ۽ ياسون جي گهر تي ڪاهي آيا، تہ انهن کي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


جڏهن ماڻهن ۽ حاڪمن اِهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن مُنجهي پيا.


ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟


ڇالاءِ جو خدا جي اها ئي مرضي آهي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوهين بيوَقوف ماڻهن جي نادانيءَ جي ڳالهين کي بند ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ