Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:6 - Sindhi Bible

6 ۽ جڏهن اُهي نہ ملين، تڏهن ياسون، ۽ ڪن ڀائرن کي گهلي، شهر جي حاڪمن وٽ وٺي آيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو، جن جهان ۾ گڙٻڙ مچائي ڇڏي آهي، سي هتي بہ آيا آهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين وشواسين کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄي سنسار ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين ايمان وارن کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 جڏھن اھي اتي نہ ملين تڏھن ياسون ۽ ڪن ٻين ڀائرن کي گھلي شھر جي ڪن عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻھن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آھي سي ھتي بہ آيا آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن امصياہ بيت ايل جي ڪاهن اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ڏي چوائي موڪليو تہ عاموس اسرائيل جي گهراڻي جي وچ ۾ تنهنجي برخلاف منصوبو ٻَڌو آهي: ۽ ملڪ هن جون ڳالهيون سهي نٿو سگهي.


۽ بادشاهت جي هن خوشخبريءَ جي منادي ساري دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ سڀني قومن جي لاءِ شاهدي ٿئي؛ تنهن کانپوءِ پڄاڻي ٿيندي.


پر اهي هيڪاري زور شور سان چوڻ لڳا تہ هو سڄي يهوديہ ۾، يعني گليل کان وٺي ويندي هن هنڌ تائين تعليم ڏيئي ماڻهن ۾ وڳوڙ پيو وجهي.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


۽ ڀائرن هڪدم راتوواهہ پولس ۽ سيلاس کي بيريہ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو: ۽ جڏهن هو اتي پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا.


تنهن تي ڀائرن پولس کي هڪدم روانو ڪري ڇڏيو تہ سمنڊ تائين نڪري وڃي؛ پر سيلاس ۽ تيمٿيس اُتي ئي رهي پيا.


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


پر يهودين حسد جي ڪري ڪي بازاري بدمعاش پاڻ سان وٺي گڏ ڪري شهر ۾ آڻي گڙٻڙ مچائي؛ ۽ ياسون جي گهر تي ڪاهي آيا، تہ انهن کي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


ڇالاءِ جو اسان جي نظر ۾ هيءُ ماڻهو هڪڙي وڏي آفت آهي، ۽ دنيا جي سڀني يهودين ۾ فساد مچائيندڙ، ۽ ناصرين جي بدعتي فرقي جو هڪڙو مهندار آهي:


پر چڱو ٿيندو تہ جيڪي تنهنجا خيال آهن، سي اسان کي ٻُڌاءِ: باقي هن فرقي جي بابت اسان کي خبر آهي تہ جتي ڪٿي انهي جي گلا آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ