Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:5 - Sindhi Bible

5 پر يهودين حسد جي ڪري ڪي بازاري بدمعاش پاڻ سان وٺي گڏ ڪري شهر ۾ آڻي گڙٻڙ مچائي؛ ۽ ياسون جي گهر تي ڪاهي آيا، تہ انهن کي خلق جي اڳيان وٺي اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 پر گھڻن يهودين کي ساڙ ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پر گھڻن يهودين کي حسد ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 پر گھڻن يھودين کي حسد ٿيو، سو انھن ڪي بازاري لوفر وٺي ھڪ ٽولو ٺاھيو، جن سڄو شھر مٿي تي کنيو. انھن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاھر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:5
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن آءٌ ڪرڻ تي هوس، تڏهن اهي سرها ٿي اچي گڏ ٿيا: اهي ڪميڻا مون تي ميڙ ڪري آيا ۽ مون کي خبر ئي ڪانہ هئي: ۽ اُهي مون کي ڦاڙڻ کان ڪين رهيا.


جيڪي شهر جي دروازي تي ٿا ويهن سي منهنجون ئي ڳالهيون ٿا ڪن؛ ۽ نشئي مون تي راڳ ٿا ڳائين.


سالم دل جسم جي حياتي آهي، پر حسد هڏن جو ساڙ آهي.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


ڇالاءِ جو کيس خبر هئي تہ هن کي حسد جي ڪري جهلايو اٿن.


پر جڏهن يهودين هيترا ماڻهو ڏٺا، تڏهن ڏاڍا ساڙ لڳن، ۽ جيڪي ڳالهيون پولس پي ڪيون، تن جي برخلاف ڳالهائڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا.


پر ڪي يهودي انتاڪيہ ۽ اڪونيم مان اتي آيا، ۽ ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري پولس کي سنگسار ڪيائون؛ ۽ ڀانيائون تہ هو مري ويو آهي، سو گهلي شهر کان ٻاهر ڇڏي آيس.


پر جيڪي يهودي نافرمان هئا، تن غير قومن جي دلين کي چوري، ڀائرن جي برخلاف بدگمان ڪيو.


پر جڏهن ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريہ ۾ خدا جي ڪلام جي منادي پيو ڪري، تڏهن اُتي بہ وڃي ماڻهن کي چوريائون، ۽ منجهن گوڙ مچايائون.


۽ جڏهن اُهي نہ ملين، تڏهن ياسون، ۽ ڪن ڀائرن کي گهلي، شهر جي حاڪمن وٽ وٺي آيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو، جن جهان ۾ گڙٻڙ مچائي ڇڏي آهي، سي هتي بہ آيا آهن؛


۽ اُنهن کي ياسون پاڻ وٽ ٽڪايو آهي: ۽ اِهي سڀ قيصر جي حڪمن جي برخلاف ٿا هلن، جو چون ٿا تہ بادشاهہ ڪو ٻيو آهي، يعني يسوع.


پوءِ ياسون ۽ اُنهن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنائون.


پر جن ڏينهن ۾ گليو، اخيہ جو حاڪم هو، تن ڏينهن ۾ يهودي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري پولس تي ڪاهي آيا، ۽ عدالت ۾ وٺي آيس؛


ڇالاءِ جو انديشو آهي تہ جيڪو دنگو اڄ ٿيو آهي، تنهن جي ڪري اسان تي ڪا تهمت اچي، جو انهي جو ڪو سبب ئي ڪونهي: اسين هن هنگامي جو ڪوبہ واجبي سبب ڏيئي ڪين سگهنداسين.“


۽ اُنهن بزرگن کي يوسف تي جو حسد آيو، سو کيس وڪڻي ڇڏيائون تہ مصر ۾ وٺي وڃنس؛ پر خدا ساڻس هو.


منهنجو هم خدمت تيمٿيس، منهنجا مائٽ لوڪيس ۽ ياسون ۽ سوسيپطرس اوهان کي سلام ٿا ڏين.


هن ڪري جو اوهين اڃا جسماني آهيو، ڇو جو جڏهن اوهان ۾ حسد ۽ جهيڙو جهڳڙو آهي، تڏهن اوهين جسماني ناهيو ڇا، ۽ دنياوي ماڻهن وانگر نٿا هلو ڇا؟


ٽي ڀيرا جهاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس، هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن سمنڊ ۾ ڪاٽيم؛ گهڻائي ڀيرا مسافرين ۾ رهيو آهيان، درياهن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، بيابانن جي خطري ۾، سمنڊ جي خطرن ۾، ڪوڙن ڀائرن جي خطرن ۾؛


بغض، نشي بازي، عيش عشرت ۽ ٻيا اهڙا ڪم، جن بابت جيئن مون اڳي بہ اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻ بہ اڳيئي خبردار ٿو ڪريان، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي خدا جي بادشاهت جا وارث ڪين ٿيندا.


اسان کي گهرجي تہ اجايو فخر نہ ڪريون، نہ هڪ ٻئي کي چيڙايون، ۽ نہ هڪ ٻئي ڏانهن بغض رکون.


۽ اوهان پاڪ روح جي خوشيءَ سان گهڻيءَ مصيبت ۾ ڪلام قبول ڪري، اسان وانگر هلي، خداوند جي پيروي ڪئي؛


يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“


۽ هنن بعل بريت جي گهر مان ستر چانديءَ جا سڪا ڪڍي آندا، جن سان ابيملڪ بيهودا ۽ خسيس ماڻهو ڀاڙي ڪيا، جي سندس پوئلڳ ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ