Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:32 - Sindhi Bible

32 هاڻي جڏهن هنن مُئلن جي جيئري ٿيڻ جو ٻُڌو، تڏهن ڪي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، پر ٻين چيو تہ اسان کي اها ڳالهہ وري بہ ٻُڌائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيوت ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 جڏھن انھن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين پوءِ بہ اوھان کان ھن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌنداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:32
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


پر اهي سڀيئي گڏجي عذر ڪرڻ لڳا. پهرئين چيس، تہ مون ٻني ورتي آهي، ۽ مون کي اُها ضرور وڃي ڏسڻي آهي: مهرباني ڪري مون لاءِ معافي گهرجانءِ.


پوءِ جن ماڻهن يسوع کي پڪڙيو هو، تن مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون ۽ ماريائونس پئي.


۽ هيروديس پنهنجن سپاهين سان گڏجي کيس بي آبرو ڪيو، ۽ ساڻس ٺٺوليون ڪري، شاندار ويس پهرائي موٽائي پيلاطس ڏانهن موڪليائينس.


۽ سپاهي پڻ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس اچي سرڪو آڇيائونس.


”اوهين جي حقارت ٿا ڪريو، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو؛ ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ جو آئون اوهان جي زماني ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻُڌائي تہ اوهين ڪڏهن بہ مٿس اعتبار ڪين آڻيندا.“


۽ ڪي اپڪوري ۽ ستوئيڪي فيلسوف بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ هي ڪو ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڀانئجي؛ ڇالاءِ جو هن يسوع ۽ قيامت جي منادي پئي ڪئي.


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


پوءِ پولس منجهانئن نڪري هليو ويو.


پر ٻين وري ٺٺولي ڪري چيو تہ هي تازي شراب جي نشي ۾ آهن.


۽ جڏهن هن سچائيءَ، ۽ پرهيزگاريءَ، ۽ ايندڙ عدالت بابت ويٺي سمجهايو، تڏهن فيلڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، ۽ ورندي ڏنائينس تہ هاڻي وڃ، جڏهن وري مون کي فرصت ملندي، تڏهن آئون توکي پاڻ وٽ گهرائيندس.


پر هنن جي وچ ۾ پنهنجي مذهب بابت تڪرار هو ۽ هڪڙي شخص يسوع بابت، جو مري ويو هو، پر جنهن جي نسبت ۾ پولس ٿي چيو تہ جيئرو آهي.


اوهين ڇو ٿا ڀانئيو تہ اها ڳالهہ وسهڻ جهڙي نہ آهي تہ خدا مُئلن کي جياري ٿو؟


پر اسين مسيح مصلوب جي منادي ٿا ڪريون، جو يهودين جي لاءِ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ غير قومن جي لاءِ بيوَقوفي آهي؛


هاڻي جيڪڏهن مسيح جي نسبت ۾ اها منادي ٿي ڪجي تہ هو مُئلن مان جي اُٿيو آهي، تڏهن اوهان مان ڪي ڪيئن چون ٿا تہ مُئلن جي قيامت ڪانهي؟


اسين مسيح جي خاطر بيوقوف آهيون، پر اوهين مسيح ۾ ڏاها آهيو؛ اسين ضعيف آهيون، پر اوهين زور وارا آهيو. اوهين عزت وارا آهيو، پر اسين بي عزت آهيون.


(ڇالاءِ جو هو چوي ٿو تہ ”قبوليت جي وقت مون اوهان جي ٻُڌي، ۽ نجات جي ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي:“ ڏسو، اهو قبوليت جو ڏينهن هاڻي آهي، ڏسو، اهو نجات جو ڏينهن هاڻي آهي.)


ٻين جي وري هن طرح آزمائش ٿي، جو مٿن کل ٺٺولي ڪيائون، کين چهبڪ هنيائون، بلڪ ٻيڙيون وجهي قيد ۾ بند ڪيائون:


انهي ڪري اچو تہ اسين بہ هن جي خواري پاڻ تي کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ