Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:20 - Sindhi Bible

20 ڇوتہ تون ڪي اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين، جي اسان کي عجب جهڙيون پيون لڳن: سو مرضي اٿئون تہ ٻُڌون تہ انهن جو مطلب ڇا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 ڪي ڳالهيون تون اهڙيون ٿو ڪرين جيڪي اسان کي عجيب ٿيون لڳن. اسين ڄاڻڻ چاهيون ٿا تہ انهن ڳالهين جو مقصد ڇا آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ڪي ڳالهيون تون اهڙيون ٿو ڪرين جيڪي اسان کي عجيب ٿيون لڳن. اسين ڄاڻڻ چاهيون ٿا تہ انهن ڳالهين جو مقصد ڇا آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ڇاڪاڻ⁠تہ تون ڪي اھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين جي اسان کي عجيب ٿيون لڳن، سو اسان جي مرضي آھي تہ ٻڌون تہ انھن جو مطلب ڇا آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ آءٌ هن جي لاءِ پنهنجي شريعت جا ڏهہ هزار حڪم لکان ٿو، تہ بہ اُهي ڌاريءَ شيءِ وانگر شمار ڪيا ٿا وڃن.


هنن اها ڳالهہ دل تي رکي ڇڏي، ۽ پاڻ ۾ پئي بحث ڪيائون تہ مئلن مان جي اُٿڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟


انهي ڪري سندس شاگردن مان گهڻن، جڏهن هيءُ ٻُڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هيءَ ڳالهہ تہ سخت آهي؛ اِها ڪير ٻُڌي سگهندو؟


هاڻي جڏهن پطرس پنهنجي دل ۾ انهي فڪر ۾ هو تہ هي رويا جا مون ڏٺي، تنهن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تہ ڏسو، اُهي ماڻهو، جن کي ڪرنيليس موڪليو هو، سي شمعون جو گهر پُڇائي، دروازي تي اچي بيٺا؛


پوءِ هو انهي کي اريوپگس نالي هڪڙيءَ جاءِ تي وٺي ويا، ۽ چوڻ لڳس تہ اسان کي ٻُڌاءِ تہ هيءَ نئين تعليم جا تون ڏين ٿو سا ڪهڙي آهي؟


(هاڻي اٿينيءَ جا سڀ رهاڪو، ۽ ٻيا پرديسي ماڻهو جي اتي رهندا هئا، سي فرصت جي وقت ٻي ڪا ڪرت ڪانہ ڪندا هئا، پر رڳو نيون نيون ڳالهيون ٻُڌندا ۽ ٻُڌائيندا هئا).


۽ هو سڀ عجب ۾ پئجي، هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا، تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟


ڇالاءِ جو صليب جو پيغام اُنهن لاءِ بيوَقوفي آهي جي برباد پيا ٿين، پر اسين جي نجات حاصل پيا ڪريون، تن جي لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي.


پر اسين مسيح مصلوب جي منادي ٿا ڪريون، جو يهودين جي لاءِ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ غير قومن جي لاءِ بيوَقوفي آهي؛


هاڻي جسماني ماڻهو خدا جي روح جون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، ڇالاءِ جو اُهي هن جي لاءِ بيوَقوفي آهن، ۽ اهي هو سمجهي بہ نہ ٿو سگهي، ڇالاءِ جو اهي روحاني طرح جاچي سگهبيون آهن.


انهي بابت اسان کي گهڻيون ڳالهيون چوڻيون آهن؛ جن جي سمجهاڻي ڏيڻ مشڪل آهي، ڇالاءِ جو اوهين ڪَنن کان گهٻرا ٿيا آهيو.


هاڻي هنن کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين سندن بدچاليءَ ۾ ساڻن شامل نٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان جي بدگوئي ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ