Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:14 - Sindhi Bible

14 تنهن تي ڀائرن پولس کي هڪدم روانو ڪري ڇڏيو تہ سمنڊ تائين نڪري وڃي؛ پر سيلاس ۽ تيمٿيس اُتي ئي رهي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 تڏهن وشواسين انهيءَ گھڙيءَ پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رهي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن ايمان وارن انهيءَ گھڙيءَ پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جڏهن تہ سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رهي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جلد ئي ڀائرن پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو. پر سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رھي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن اوهان کي هڪڙي شهر ۾ ستائين تڏهن ڀڄي ٻئي ۾ وڃجو. ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين اڃا اسرائيل جي شهرن مان گهمي بس نہ ڪندا تہ ابن آدم ايندو.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:


۽ هو دربي ۽ لسترہ ۾ بہ آيو: ۽ ڏسو، هڪڙو شاگرد تيمٿيس نالي اُتي هو. هو هڪڙيءَ يهودڻ جنهن ايمان آندو هو، تنهن جو پٽ هو، پر سندس پيءُ يوناني هو،


۽ ڀائرن هڪدم راتوواهہ پولس ۽ سيلاس کي بيريہ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو: ۽ جڏهن هو اتي پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا.


پر جيڪي پولس کي اُماڻڻ ويا هئا، سي کيس اٿينيءَ تائين وٺي آيا، ۽ اُتان سيلاس ۽ تيمٿيس لاءِ اهو حڪم وٺي روانا ٿيا، تہ جلدي مون وٽ هليا اچو.


۽ منجهانئن ڪن مڃيو، ۽ پولس ۽ سيلاس سان اچي گڏيا؛ ۽ گهڻا ئي ديندار يوناني ۽ ڪيتريون ئي شريف زالون بہ ساڻن گڏ شامل ٿيون.


۽ جڏهن اُهي نہ ملين، تڏهن ياسون، ۽ ڪن ڀائرن کي گهلي، شهر جي حاڪمن وٽ وٺي آيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو، جن جهان ۾ گڙٻڙ مچائي ڇڏي آهي، سي هتي بہ آيا آهن؛


هاڻي جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيہ مان آيا، تڏهن پولس ڪلام ٻُڌائڻ ۾ ڏاڍو مشغول هو، ۽ يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.


۽ پنهنجن مددگارن منجهان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيہ ڏانهن موڪليائين، ۽ پاڻ ٿوري وقت لاءِ آسيہ ۾ رهجي پيو.


۽ ٽي مهينا اُتي رهي، جڏهن جهاز جي رستي شام ڏانهن وڃڻ تي هو، تڏهن يهودين سندس برخلاف هڪڙو منصوبو کڙو ڪيو: تنهنڪري هن ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ مان ٿي موٽي وڃان.


پر سندس شاگردن رات جي وقت هن کي هڪڙي کاري ۾ ويهاري شهر جي ڀت کان هيٺ لاهي ڇڏيو.


۽ جڏهن ڀائرن کي خبر پيئي تڏهن هن کي قيصريہ ۾ وٺي آيا، ۽ اُتان ترسس ڏانهن روانو ڪيائونس.


جيئن مون مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ وقت توکي تاڪيد ڪئي هئي، تيئن افسس ۾ رهي ڪن ماڻهن کي اطلاع ڏي تہ ٻئي قسم جي تعليم نہ ڏين،


مون تو کي ڪريتي ۾ انهي لاءِ ڇڏيو تہ جيڪي ڳالهيون باقي رهيون آهن، سي تون درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو هو، تيئن هر ڪنهن شهر ۾ اهڙا بزرگ مقرر ڪرين،


۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين جبل ڏي هليا وڃو، متان اوهان جا پيڇو ڪندڙ اوهان کي اچي پهچن، ۽ اُتي ٽي ڏينهن اوهين پاڻ کي لڪائجو، جيستائين ڪ پيڇو ڪندڙ موٽي اچن: ۽ تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي پنهنجو رستو وٺي هليا وڃجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ