Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي هو امفپلس ۽ اپلونيہ مان لنگهي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يهودين جو عبادتخانو هو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 تڏهن پولس ۽ سيلاس امفپلس ۽ اپلونيا شهرن مان لنگھي ٿِسلُنيڪي ۾ آيا، جتي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن پولس ۽ سيلاس امفپلس ۽ اپلونيا شهرن مان لنگھي ٿِسلُنيڪي ۾ آيا، جتي يهودين جو عبادت‌خانو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھاڻي ھو امفپلس ۽ اپلونيا مان لنگھي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يھودي عبادت⁠خانو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اڪونيم ۾ هيئن ٿيو جو هو گڏجي يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا، ۽ اهڙي تقرير ڪيائون جو يهودين توڙي يونانين جي هڪڙي وڏي جماعت ايمان آندو.


ڇالاءِ جو قديم زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي توريت ٻُڌائڻ وارا هلندا ٿا اچن، جي سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخانن ۾ اها پڙهندا آهن.


۽ سبت جي ڏينهن شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جتي اسان ڀانئيو تہ دعا گهُرڻ جي ڪا جاءِ هوندي؛ ۽ اُتي ويهي جيڪي زالون اچي گڏ ٿيون هيون، تن سان گفتگو ڪرڻ لڳاسين.


۽ ڀائرن هڪدم راتوواهہ پولس ۽ سيلاس کي بيريہ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو: ۽ جڏهن هو اتي پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا.


هاڻي هي ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کان وڌيڪ چڱا ماڻهو هئا، جو هنن وڏي شوق سان ڪلام قبول ڪيو، ۽ روز بروز پاڪ ڪتاب پڙهي ڏسندا هئا تہ اِهي ڳالهيون برابر ائين آهن يا نہ.


پر جڏهن ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريہ ۾ خدا جي ڪلام جي منادي پيو ڪري، تڏهن اُتي بہ وڃي ماڻهن کي چوريائون، ۽ منجهن گوڙ مچايائون.


۽ بريہ واري پورس جي پٽ سوپترس، ۽ ٿسلونيڪي وارن مان ارسترخس، ۽ سڪندس، ۽ دربي وارو گيوس، ۽ تيمٿيس، ۽ آسيہ مان تخڪس ۽ تروفيمس، اهي ساڻس گڏ آسيہ تائين ويا.


۽ ادرموتيم جو هڪڙو جهاز، جو آسيہ جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻو هو، تنهن تي چڙهي اسين روانا ٿياسين، ۽ ٿسلونيڪيءَ جو هڪڙو مڪدوني ارسترخس نالي اسان سان هو.


ڇالاءِ جو ٿسلونيڪيءَ ۾ بہ منهنجي گهُرج پلڻ لاءِ اوهان هڪ ٻہ دفعا ڪي ڪجهہ موڪليو.


پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛ شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي.


پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي.


پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا اسان جي خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛


ڇالاءِ جو ديماس هن دنيا کي پسند ڪري مون کي ڇڏي ويو ۽ ٿسلونيڪيءَ ڏانهن هليو ويو؛ ڪريسڪينس گلتيہ ڏانهن، ۽ طيطس دلمتيہ ڏانهن هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ