Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:9 - Sindhi Bible

9 ۽ پولس کي رات جو هڪڙي رويا ڏسڻ ۾ آئي؛ تہ مڪدونيہ جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري ٿو چويس، تہ مڪدونيہ ۾ اچي اسان جي مدد ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اتي رات جو پولس کي درشن ڏنو ويو جنهن ۾ مڪدُنيا صوبي جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري کيس چوي پيو تہ ”سوامي! پار ٽپي مڪدُنيا ۾ اچو ۽ اسان جي مدد ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اتي رات جو پولس رويا ڏٺي جنهن ۾ مڪدُنيا صوبي جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري کيس چوي پيو تہ ”سائين! پار ٽپي مڪدُنيا ۾ اچو ۽ اسان جي مدد ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اتي رات جو پولس ھڪڙي رويا ڏٺي تہ مڪدونيا جو ھڪڙو ماڻھو بيھي منٿ ڪري چوي پيو تہ ”سائين! مڪدونيا ۾ اچي اسان جي مدد ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:9
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽين بجي رويا ۾ صاف صاف خدا جي هڪڙي ملائڪ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، جنهن چيس تہ اي ڪرنيليس!


تڏهن ڪرنيليس چيو تہ چار ڏينهن ٿيندا تہ هيڏيءَ مهل مون پنهنجي گهر ۾ ٽپهريءَ جي دعا پئي گهُري، تہ اوچتو هڪڙو ماڻهو چمڪندڙ پوشاڪ پائي منهنجي اڳيان اچي بيٺو،


هن جي انهي رويا ڏسندي شرط اسان هڪدم مڪدونيہ ۾ وڃڻ جو سعيو ڪيو؛ جو سمجهيوسين تہ خدا هنن کي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ اسان کي ڪوٺيو آهي.


اُتان وري فلپيءَ ۾ پهتاسين، جو مڪدونيہ جو هڪڙو شهر، ۽ اُنهي پرڳڻي جو مکيہ شهر آهي، ۽ رومي ماڻهن جي بيٺڪ آهي: ۽ انهي شهر ۾ اسين ڪي ڏينهن ٽڪي پياسين.


هاڻي جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيہ مان آيا، تڏهن پولس ڪلام ٻُڌائڻ ۾ ڏاڍو مشغول هو، ۽ يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.


هاڻي جڏهن هي ڳالهيون ٿي رهيون، تڏهن پولس دل ۾ ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ ۽ اخيہ مان ٿي يروشلم ۾ ويندس، ۽ چيائين تہ اتي وڃڻ کانپوءِ آئون روما بہ ضرور ڏسندس.


۽ پنهنجن مددگارن منجهان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيہ ڏانهن موڪليائين، ۽ پاڻ ٿوري وقت لاءِ آسيہ ۾ رهجي پيو.


۽ سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو ۽ هو سڀ گڏجي گيوس ۽ ارسترخس، جي مڪدونيہ جا ماڻهو هئا، ۽ سفر ۾ پولس جا ساٿي هئا، تن کي پڪڙي تماشگاهہ ۾ وٺي آيا.


جڏهن هل بس ٿيو، تڏهن پولس شاگردن کي سڏي انهن کي نصيحت ڪئي، پوءِ کانئن موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.


۽ ٽي مهينا اُتي رهي، جڏهن جهاز جي رستي شام ڏانهن وڃڻ تي هو، تڏهن يهودين سندس برخلاف هڪڙو منصوبو کڙو ڪيو: تنهنڪري هن ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ مان ٿي موٽي وڃان.


۽ ادرموتيم جو هڪڙو جهاز، جو آسيہ جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻو هو، تنهن تي چڙهي اسين روانا ٿياسين، ۽ ٿسلونيڪيءَ جو هڪڙو مڪدوني ارسترخس نالي اسان سان هو.


جيئن تہ لدہ يافا جي ويجهو هو، شاگردن ٻُڌو تہ پطرس اتي آهي، تڏهن ٻہ ماڻهو وٽس موڪلي منٿ ڪيائونس تہ اسان وٽ جلدي هليو اچ.


ڇالاءِ جو مڪدونيہ ۽ اخيہ وارن جي مرضي آهي تہ يروشلم جي پاڪ ٿيلن ۾ جي غريب آهن، تن لاءِ ڪجهہ نذرانو موڪلين.


۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن گهرج هوندي بہ آئون ڪنهن تي بار ڪين ٿيس؛ ڇالاءِ جو ڀائرن مڪدونيہ مان اچي منهنجون سڀ گهرجون پوريون ڪيون؛ ۽ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجهڻ کان مون پاڻ کي روڪيو، ۽ انهيءَ طرح اڳتي بہ روڪيندو رهندس.


۽ ظهورن جي نهايت گهڻائيءَ ڪري متان آئون مغرور ٿي پوان، تنهنڪري منهنجي جسم ۾ هڪڙو ڪنڊو هنيو ويو، تہ شيطان جو قاصد ٿي اهو مون کي تنگ ڪري تہ آئون مغرور نہ ٿيان.


ڇالاءِ جو جڏهن اسين مڪدونيہ ۾ آياسين، تڏهن بہ اسان جي جسم کي آرام ڪونہ هو، پر اسين هر طرف مصيبتن ۾ گرفتار ٿي وياسين؛ ٻاهر جهيڙا جهڳڙا هئا، اندر ڊپ ڊاءُ هو.


هاڻي، اي ڀائرو، اسين اوهان کي خدا جي انهي فضل جي خبر ٿا ڏيون جو مڪدونيہ جي ڪليسيائن تي ٿيو آهي؛


ڇالاءِ جو اوهان جي شوق جي خبر اٿم، جنهن جي ڪري آئون مڪدونيہ جي ماڻهن جي اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان، تہ اخيہ جا ماڻهو بہ سال کان تيار آهن؛ ۽ اوهان جي سرگرميءَ انهن مان گهڻن کي جوش ڏياريو آهي.


نڪي اهو سمنڊ جي پرئين ڀر آهي، جو تون چوين تہ ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو، ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو، تہ اسين انهي تي عمل ڪريون؟


جيئن ڪ سچ پچ مڪدونيہ جي سڀني ڀائرن سان اوهين ڪريو بہ ٿا. پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ اڃا بہ وڌندا وڃو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ