Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هو فروگيہ ۽ گلتيہ جي ملڪن مان لنگهي ويا، جو پاڪ روح هنن کي آسيا ۾ ڪلام ٻُڌائڻ کان منع ڪئي هئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 جيئن تہ پوِتر آتما هنن کي آسيا صوبي ۾ سنديش جي پرچار ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اوڏانهن وڃڻ جي بدران هو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان گذريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جيئن تہ پاڪ روح هنن کي آسيا صوبي ۾ پيغام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، سو اوڏانهن وڃڻ جي بدران هو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان گذريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ھو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان لنگھي ويا، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح ھنن کي ايشيا پرڳڻي ۾ ڪلام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:6
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو.


۽ جهڙيءَ طرح جن شروع کان ئي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ ڪلام جا خادم هئا، تن اهي اسان کي سونپي ڏنيون،


۽ اڃا پطرس انهيءَ رويا تي خيال پئي ڪيو.


۽ روح مون کي چيو تہ بنا ڪنهن بہ هٻڪ جي ساڻن گڏجي وڃ ۽ اهي ڇهہ ڀائر بہ مون سان گڏجي هليا؛ ۽ اسين انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ داخل ٿياسين:


۽ جڏهن موسيہ جي سامهون آيا، تڏهن ڪوشش ڪيائون تہ بتونيہ ۾ وڃون؛ پر يسوع جي روح کين وڃڻ نہ ڏنو؛


ڪجهہ وقت اتي گذاري اُتان نڪتو، ۽ هڪ ٻئي پٺيان گلتيہ ۽ فروگيہ جي ملڪن مان لنگهندو سڀني شاگردن کي مضبوط ڪندو ويو.


۽ اهڙيءَ طرح ٻہ ورهيہ گذري ويا؛ انهي ڪري جيڪي آسيہ ۾ رهندا هئا، يهودي توڙي يوناني، تن سڀني خدا جو ڪلام ٻُڌو.


ڇالاءِ جو پولس ارادو ڪيو هو تہ افسس وٽان ٿيندو وڃي، متان آسيہ ۾ دير لڳيس؛ ۽ اها تڪڙ هن ڪري ٿي ڪيائين تہ جي ٿي سگهيس تہ پنتيڪوست جو ڏينهن وڃي يروشلم ۾ گذاري.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


۽ بريہ واري پورس جي پٽ سوپترس، ۽ ٿسلونيڪي وارن مان ارسترخس، ۽ سڪندس، ۽ دربي وارو گيوس، ۽ تيمٿيس، ۽ آسيہ مان تخڪس ۽ تروفيمس، اهي ساڻس گڏ آسيہ تائين ويا.


۽ جڏهن اُهي ست ڏينهن پوري ٿيڻ تي آيا، تڏهن آسيہ جي يهودين هن کي هيڪل ۾ ڏسي سڀني ماڻهن کي چوريو ۽ وڃي پڪڙيائونس،


پر جو عبادتخانو لبرتينن جو سڏبو هو، تنهن مان، ۽ ڪرين، ۽ سڪندرين مان، ۽ جي ڪلڪيہ ۽ آسيا جا هئا، تن مان ڪي اُٿي کڙا ٿيا ۽ استيفنس سان بحث ڪرڻ لڳا.


تہ روح فلپس کي چيو تہ ويجهو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.


۽ جيڪا ڪليسيا اُنهن جي گهر ۾ آهي، انهي کي بہ سلام ڏجو. منهنجي پياري اپينتس کي سلام ڏجو، جو مسيح جي لاءِ آسيہ جو پهريون ڦل آهي.


پر اهي سڀيئي ڪم هڪڙو ساڳيو روح ٿو ڪري، جو پنهنجي مرضيءَ موجب هرهڪ کي ڌار ڌار نعمت ورهائي ٿو ڏئي.


هاڻي انهي چندي بابت، جو پاڪ ٿيلن جي لاءِ آهي: جيئن مون گلتيہ جي ڪليسيائن کي حڪم ڏنو، تيئن اوهين بہ ڪجو.


آسيہ جون جماعتون اوهان کي سلام ٿيون ڏين. اڪولہ ۽ پرسڪہ، ۽ جيڪا جماعت هنن جي گهر ۾ آهي، سي اوهان کي خداوند ۾ گهڻا گهڻا سلام ٿا ڏين.


اي ڀائرو، اسان جي مرضي نہ آهي تہ اوهين اسان جي انهيءَ مصيبت کان ناواقف رهو جا آسيہ ۾ اسان تي پيئي؛ جنهن ڪري اسين حد کان وڌيڪ، ۽ پنهنجي طاقت کان ٻاهر بار هيٺ اچي وياسين، ايتري قدر جو اسان پنهنجي حياتيءَ جي بہ اُميد لاهي ڇڏي.


۽ جيڪي ڀائر مون سان آهن تن سڀني جي طرفان، گلتيہ جي ڪليسيائن ڏانهن:


اي نادان گلتيو، هاڻي ڪنهن اوهان تي ڪامڻ وڌو؟ اوهان جي اکين اڳيان يسوع مسيح ظاهر ظهور صليب تي چاڙهيل ڏيکاريو ويو.


توکي اها خبر آهي تہ آسيہ جا سڀيئي ماڻهو مون کان ڦري ويا آهن؛ جن مان فوگلس ۽ هرموگنيس آهن.


ڇالاءِ جو ديماس هن دنيا کي پسند ڪري مون کي ڇڏي ويو ۽ ٿسلونيڪيءَ ڏانهن هليو ويو؛ ڪريسڪينس گلتيہ ڏانهن، ۽ طيطس دلمتيہ ڏانهن هليو ويو.


ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو.


يسوع مسيح جي رسول، پطرس جي طرفان انهن مسافرن ڏانهن جي پنطس، ۽ گلتيہ، ۽ ڪپدڪيا، ۽ آسيا، ۽ بٿنيہ ۾ پکڙيل آهن،


جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.


يوحنا جي طرفان اُنهن ستن ڪليسيائن ڏانهن يا جي آسيا ۾ آهن. جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، انهي وٽان فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي؛ ۽ اُنهن ستن روحن وٽان جي سندس تخت جي اڳيان آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ