Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:30 - Sindhi Bible

30 پوءِ کين ٻاهر وٺي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ سائين، آئون ڇا ڪريان تہ نجات مليم؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 پوءِ هن کين ٻاهر ڪڍيو ۽ وينتي ڪندي چوڻ لڳو تہ ”سوامي! آءٌ ڇا ڪريان جو مڪتي ملي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 پوءِ هن کين ٻاهر ڪڍيو ۽ عرض ڪندي چوڻ لڳو تہ ”سائين! آءٌ ڇا ڪريان جو ڇوٽڪارو ملي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 پوءِ ھن کين ٻاھر ڪڍيو ۽ عرض ڪري چوڻ لڳو تہ ”سائين! آءٌ ڇا ڪريان جو ڇوٽڪارو ملي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا وٽ سچو ٿي سگهندو؟ جيڪو ماءُ جي پيٽ مان ڄائو آهي سو ڪهڙيءَ طرح پاڪ ٿي سگهندو؟


جيڪي آءٌ نہ ٿو ڏسان سو تون مون کي سيکار: جيڪڏهن مون ڪو ڏوهہ ڪيو آهي تہ آءٌ اُهو وري ڪين ڪندس.


جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي ناهي ڇا تہ شرارت جا بند کولجن، يا پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙجن، مظلومن کي آزاد ڪجي، ۽ هرڪا پاڃاري ڀڃي ڇڏجي؟


تڏهن تون سڏ ڪندين ۽ خداوند جواب ڏيندو؛ تون پڪاريندين ۽ هو چوندو تہ اِجهو آءٌ بيٺو آهيان. جيڪڏهن تون پنهنجي وچ مان ظلم جي پاڃاري ۽ انگشت نمائي، ۽ گلا ڪڍي ڇڏيندين؛


تنهن ڪري اهڙا ڦل پيدا ڪريو جي توبهہ جي لائق هجن:


مبارڪ آهن اُهي جي رحم دل آهن، ڇالاءِ جو اُنهن تي رحم ٿيندو.


تنهن تي ميڙاڪن پڇيس، تہ تڏهن اسين ڇا ڪريون؟


اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي:


۽ اُها پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا بندا آهن، جي اوهان کي نجات جي واٽ ٿا ڏيکارين.


تنهن هي حڪم ملڻ ڪري اُنهن کي اندرئين قيدخاني ۾ کڻي وڌو، ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ ۾ قابو ڪري ڇڏيائين.


هاڻي جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن اها سندن دلين ۾ چُڀي ويئي، ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چوڻ لڳا تہ اي ڀائرو، هاڻ اسين ڇا ڪريون؟


تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند، آئون ڇا ڪريان؟ خداوند مون کي چيو تہ اُٿي دمشق ۾ وڃ، ۽ جيڪي تنهنجي ڪرڻ لاءِ ٺهرايو ويو آهي، سو سڀ توکي ٻُڌايو ويندو.


پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو.


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ