Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:23 - Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن گهڻا ڦٽڪا هڻائي چُڪن، تڏهن کڻي قيدخاني ۾ وڌائون، ۽ داروغي کي تاڪيد ڪيائون تہ کين قابو رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪيائون تہ کين سخت پهري هيٺ رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪيائون تہ کين سخت پهري هيٺ رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنائون تہ کين سخت پھري ھيٺ رکيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:23
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جنهن هن کي جهلايو ٿي، تنهن هنن کي نشاني ڏيئي ڇڏي هئي، تہ جنهن کي آئون چُمان ٿو سو اٿوَ، اُنهي کي جهلجو.


پر اُهي ڳالهيون ٿين، تنهن کان اڳي اهي اوهان کي اچي جهليندا، ۽ اوهان کي ستائيندا، ۽ عبادتخانن جي عدالت جي حوالي ڪندا، ۽ قيد خانن ۾ وجهندا، ۽ منهنجي نالي بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان اوهان کي کڙو ڪندا.


هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سپاهين ۾ ڏاڍي ڦڙڦوٽ پئجي ويئي تہ پطرس ڪيڏانهن ويو؟


۽ کيس جهلڻ کانپوءِ کڻي قيد ۾ وڌائينس، ۽ مٿس پهرو ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون رکي، انهن جي حوالي ڪيائينس، انهي مراد سان تہ فسح جي عيد کانپوءِ کيس ڪڍي ماڻهن جي اڳيان حاضر ڪندس.


تنهن تي داروغو ننڊ مان جاڳي پيو، ۽ ڏٺائين تہ قيدخاني جا در کُليا پيا آهن، ۽ ڀانيائين تہ قيدي ڀڄي ويا آهن، تنهنڪري پنهنجي ترار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي هو؛


۽ داروغي اها ڳالهہ پولس کي ٻُڌائي، ۽ چيائينس تہ عملدارن حڪم ڏنو آهي تہ اوهان کي ڇڏي ڏجي: سو هاڻي نڪري اچو ۽ خير سلامتيءَ سان هليا وڃو.


۽ رسولن کي پڪڙي قيدخاني ۾ وڌائون.


۽ چيائون تہ اسان ڏٺو تہ قيدخانو تہ ڏاڍيءَ حفاظت سان بند ٿيل هو، ۽ پهري وارا دروازن تي بيٺا هئا، پر جڏهن کوليوسين، تہ ڏٺوسين تہ اندر ڪوبہ ماڻهو ڪونهي.


پر شائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو، ۽ گهر گهر ۾ گهڙي مردن ۽ زالن کي گهلي قيد ڪرائيندو هو.


۽ چيائينس تہ مون کي دمشق جي عبادتخانن لاءِ انهيءَ مضمون تي خط لکي ڏي، تہ جن مردن خواہ زالن کي انهي طريقي تي ڏسان، تن کي ٻَڌائي يروشلم ۾ وٺي اچان.


ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ (اهو آئون پاڳل وانگر ٿو چوان) آئون انهن کان بہ وڌيڪ آهيان؛ محنتن ۾ گهڻو وڌيڪ، قيدن ۾ گهڻو وڌيڪ؛ چهبڪن کائڻ ۾ حد کان زيادہ، موت جي منهن ۾ گهڻائي ڀيرا.


چهبڪن کائڻ ۾، قيد ٿيڻ ۾، هنگامن ۾، محنتن ۾، اوجاڳن ۾، فاقن ڪڍڻ ۾؛


انهي سبب آئون پولس، جو اوهان غير قومن وارن جي خاطر مسيح يسوع جو قيدي آهيان –


تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو،


۽ جنهن جي ڪري آئون سختي ٿو سهان، بلڪ ايتري قدر، جو هڪ بدڪار وانگر قيد ۾ پيل آهيان؛ پر خدا جو ڪلام قيد نہ آهي.


تڏهن بہ محبت جي ڪري مون کي اها ڳالهہ پسند آهي تہ آئون پيرسن پولس، جو مسيح يسوع جو قيدي آهيان، توکي عرض ڪريان؛


تنهنڪري يشوع ڪاهنن کي حڪم ڏيئي چيو تہ اوهين يردن مان نڪري ٻاهر اچو.


آئون يوحنا، جو اوهان جو ڀاءُ ۽ يسوع مسيح جي مصيبت، ۽ بادشاهت، ۽ صبر ۾ اوهان جو شريڪ آهيان، آئون خدا جي ڪلام ۽ يسوع جي شاهديءَ لاءِ اُنهي ٻيٽ ۾ هئس، جو پتمس ٿو سڏجي.


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ