Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:18 - Sindhi Bible

18 ۽ گهڻن ڏينهن تائين هن ائين پي ڪيو، سو پولس کي ڏاڍو رنج ٿيو، تنهن ڦري اُنهي ڀوت کي چيو، تہ آئون توکي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ. ۽ اوڏيءَ مهل ئي اُهو نڪري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪنيا ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڪنيا مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڪنيا مان نڪري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڇوڪريءَ مان نڪري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ڪيترن ئي ڏينھن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو ھن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ ھن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انھيءَ ئي مھل ڇوڪريءَ کي ڇڏي ھليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:18
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انهيءَ مهل ٻيڙي سمنڊ جي وچ ۾ لهرن جي ڪري لوڏن ۾ هئي، ڇالاءِ جو واءُ اڻائو هو.


۽ ڪيترا ماڻهو جي طرح طرح جي مرضن ۾ گرفتار هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين، ۽ ڪيترن جا ڀوت ڪڍيائين؛ ۽ انهن ڀوتن کي ڳالهائڻ نٿي ڏنائين، جو هو کيس سڃاڻندا هئا.


۽ ايمان آڻڻ وارن ۾ هي نشانيون هونديون: اُهي منهنجي نالي ڀوت ڪڍندا؛ ۽ نيون نيون ٻوليون ڳالهائيندا؛


۽ هن پنهنجن ٻارهن شاگردن کي سڏي کين طاقت بخشي تہ هو سڀني ڀوتن تي اختياري رکن ۽ بيمارن کي شفا ڏين.


پر پطرس چيس تہ رپو ۽ سون تہ مون وٽ ڪونهي؛ پر جيڪي اٿم سو توکي ڏيان ٿو. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي اُٿي گهُم ڦر.


۽ پطرس هن کي چيو تہ ”اينياس، يسوع مسيح توکي ڇُٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري! اُٿ، اُٿي پنهنجو هنڌ وڇاءِ.“ ۽ انهي دم هو اُٿي کڙو ٿيو.


۽ حڪومتن ۽ طاقتن جو زور ڀڃي ڇڏيائين، ۽ کُليو کُلايو انهن جو تماشو ڪري صليب جي وسيلي انهي تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ