Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:12 - Sindhi Bible

12 اُتان وري فلپيءَ ۾ پهتاسين، جو مڪدونيہ جو هڪڙو شهر، ۽ اُنهي پرڳڻي جو مکيہ شهر آهي، ۽ رومي ماڻهن جي بيٺڪ آهي: ۽ انهي شهر ۾ اسين ڪي ڏينهن ٽڪي پياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اتي جهاز مان لهي وري فلپي شهر ۾ آياسين، جيڪو مڪدُنيا جي انهيءَ علائقي جو مکيہ شهر آهي. اهو شهر رومين جي رهائش‌گاهہ بہ آهي. اسين اتي ڪجھہ ڏينهن ترسي پياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اتي جهاز مان لهي وري فلپي شهر ۾ آياسين، جيڪو مڪدُنيا جي انهيءَ علائقي جو مکيہ شهر آهي. اهو شهر رومين جي رهائش‌گاهہ بہ آهي. اسين اتي ڪجھہ ڏينهن ترسي پياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 اتي جھاز مان لھي وري فلپيءَ ۾ آياسين جو مڪدونيا ۾ آھي ۽ انھيءَ علائقي جو مکيہ شھر آھي. اھو شھر رومي بيٺڪ بہ آھي. اسين اتي ڪي ڏينھن ترسي پياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي انهي رويا ڏسندي شرط اسان هڪدم مڪدونيہ ۾ وڃڻ جو سعيو ڪيو؛ جو سمجهيوسين تہ خدا هنن کي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ اسان کي ڪوٺيو آهي.


۽ اهڙيون رسمون ڪڍيون اٿن، جي اسان رومين کي قبول ڪرڻ، ۽ اُنهن تي هلڻ روا ناهن.


۽ پولس کي رات جو هڪڙي رويا ڏسڻ ۾ آئي؛ تہ مڪدونيہ جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري ٿو چويس، تہ مڪدونيہ ۾ اچي اسان جي مدد ڪر.


هاڻي جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيہ مان آيا، تڏهن پولس ڪلام ٻُڌائڻ ۾ ڏاڍو مشغول هو، ۽ يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.


هاڻي جڏهن هي ڳالهيون ٿي رهيون، تڏهن پولس دل ۾ ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ ۽ اخيہ مان ٿي يروشلم ۾ ويندس، ۽ چيائين تہ اتي وڃڻ کانپوءِ آئون روما بہ ضرور ڏسندس.


۽ سڄي شهر ۾ گوڙ مچي ويو ۽ هو سڀ گڏجي گيوس ۽ ارسترخس، جي مڪدونيہ جا ماڻهو هئا، ۽ سفر ۾ پولس جا ساٿي هئا، تن کي پڪڙي تماشگاهہ ۾ وٺي آيا.


جڏهن هل بس ٿيو، تڏهن پولس شاگردن کي سڏي انهن کي نصيحت ڪئي، پوءِ کانئن موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.


۽ ٽي مهينا اُتي رهي، جڏهن جهاز جي رستي شام ڏانهن وڃڻ تي هو، تڏهن يهودين سندس برخلاف هڪڙو منصوبو کڙو ڪيو: تنهنڪري هن ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ مان ٿي موٽي وڃان.


۽ فطيري مانيءَ وارن ڏينهن کانپوءِ، اسين فلپيءَ مان جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين، ۽ پنجن ڏينهن ۾ تروآس ۾ اچي وٽن پهتاسين؛ ۽ اتي ست ڏينهن ٽڪي پياسين.


۽ ادرموتيم جو هڪڙو جهاز، جو آسيہ جي ڪناري وارن شهرن ڏانهن وڃڻو هو، تنهن تي چڙهي اسين روانا ٿياسين، ۽ ٿسلونيڪيءَ جو هڪڙو مڪدوني ارسترخس نالي اسان سان هو.


ڇالاءِ جو مڪدونيہ ۽ اخيہ وارن جي مرضي آهي تہ يروشلم جي پاڪ ٿيلن ۾ جي غريب آهن، تن لاءِ ڪجهہ نذرانو موڪلين.


مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت:


هن لاءِ جو شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انجيل جي ڦهلائڻ ۾ اوهين منهنجا شريڪ رهيا آهيو؛


پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ