Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:7 - Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن گهڻو بحث مباحثو هلي رهيو، تڏهن پطرس اُٿي هنن کي چيو تہ اي ڀائرو، اوهان کي خبر آهي تہ ڳچ وقت کان خدا اوهان مان مون کي چونڊي ڪڍيو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻُڌي ايمان آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ پطرس اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اوهان کي سڌ آهي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ ايشور مون کي اوهان مان چونڊيو هو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو سنديش ٻڌي وشواس آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ پطرس اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اوهان کي خبر آهي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوهان مان چونڊيو هو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو پيغام ٻڌي ايمان آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 گھڻي بحث کان پوءِ پطرس اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”ڀائرؤ! اوھان کي خبر آھي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوھان مان چونڊيو ھو تہ غير قومون منھنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻڌي ايمان آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي تون وڃ ۽ آءٌ تنهنجين ڳالهين سان هوندس، ۽ جيڪي توکي چوڻو هوندو سو توکي سيکاريندس.


تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن:


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.


يوحنا جواب ڏيئي چيو، تہ جيسين ڪنهن ماڻهوءَ کي آسمان مان ڪجهہ عطا نہ ٿئي، تيسين کيس اُهو ملي نٿو سگهي.


پاڪ لکيت جو بيان پورو ٿيڻو هو، جو پاڪ روح اڳيئي دائود جي واتان، يهوداهہ جي بابت چيو هو جو يسوع جي جهلڻ وارن جو سونهون ٿيو:


پوءِ هنن دعا گهُري چيو، تہ اي خداوند، تون جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهين، سو تون ٻُڌاءِ تہ هنن ٻن مان تو ڪنهن کي چونڊيو آهي،


۽ اڃا پطرس انهيءَ رويا تي خيال پئي ڪيو.


تہ روح چيس تہ ڏس، ٽي ماڻهو توکي پيا ڳولين، اُٿي، هيٺ لهي وڃ ۽ ڪنهن بہ شڪ شبهي کانسواءِ ساڻن گڏجي هليو وڃ، ڇو جو مون هنن کي موڪليو آهي.


جڏهن هنن روزا رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي، تڏهن پاڪ روح چين تہ جنهن ڪم لاءِ مون برناباس ۽ شائول کي چونڊيو آهي، تنهن ڪم لاءِ کين منهنجي واسطي ڌار ڪريو.


شمعون بيان ڪيو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح خدا، شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انهي لاءِ تہ انهن مان پنهنجي نالي لاءِ هڪڙي اُمت چونڊي ڪڍي.


۽ جڏهن پولس ۽ برناباس سان هنن جو گهڻو بحث ۽ تڪرار هليو؛ تڏهن ڀائرن اهو ٺهراءُ ڪيو تہ پولس ۽ برناباس ۽ انهن مان ڪي ٻيا، انهي سوال بابت رسولن ۽ بزرگن وٽ يروشلم ۾ وڃن.


تنهن تي اهڙو سخت تڪرار ٿيو، جو هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿي پيا. ۽ برناباس مرقس کي وٺي جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانو ٿيو؛


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


۽ قيصريہ جي شاگردن مان بہ ڪي اسان سان گڏجي هليا، ۽ هنن ڪپرس جي هڪڙي رهاڪو مناسون کي بہ ساڻ کنيو، جو جهونو شاگرد هو، ۽ جنهن وٽ اسان کي ٽڪڻو هو.


پر جي ڳالهيون خدا پنهنجن سڀني نبين جي واتان اڳيئي ڏيکاريون هيون، تہ سندس مسيح ڏک سهندو، سي انهيءَ طرح پوريون ڪيائين.


جنهن پاڪ روح جي وسيلي پنهنجي بندي، اسان جي ابي دائود جي واتان چيو تہ ”غير قومن ڇو گوڙ مچايو، ۽ اُمتن ڇو اجايا خيال ڪيا؟


پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري:


سڀ ڪم ڪُرڪڻ ۽ تڪرار ڪرڻ کانسواءِ ڪندا رهو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ