Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:30 - Sindhi Bible

30 سو هو موڪلائي نڪتا ۽ انتاڪيہ ۾ اچي پهتا؛ ۽ جماعت کي گڏ ڪري اُهو خط کين ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ انطاڪيا ۾ اچي پهتا، جتي وشواسين کي گڏ ڪري کين اهو خط ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ انطاڪيا ۾ اچي پهتا، جتي ايمان وارن کي گڏ ڪري کين اهو خط ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 سو اھي روانا ٿيا ۽ انتاخيا ۾ اچي پھتا، جتي ايمان وارن کي گڏ ڪري کين اھو خط ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:30
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جيڪا مصيبت استيفنس جي ڪري اچي پيئي هئي، تنهنڪري جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي گهُمندي گهُمندي فينيڪي، ۽ ڪپرس، ۽ انتاڪيہ تائين وڃي نڪتا، پر يهودين کانسواءِ ڪنهن بہ ٻئي کي ڪلام ڪين ٻُڌائيندا هئا.


پر منجهانئن ڪي ڪپرس ۽ ڪرين جا ماڻهو هئا، جي انتاڪيہ ۾ آيا هئا، اُهي يونانين کي بہ خداوند جي خوشخبري ٻُڌائڻ لڳا.


هاڻي هيئن ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاڪيہ ۾ آيا،


تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:


جڏهن هنن اُهو پڙهيو، تڏهن جا تسلي مِليَنِ، تنهنڪري خوش ٿيا.


۽ جيئن هو شهرن مان لنگهندا ويا، تيئن جيڪي حڪم رسولن ۽ بزرگن يروشلم ۾ جاري ڪيا هئا، سي کين مڃڻ لاءِ ڏيندا ويا.


تڏهن هاڻي ڇا ڪجي؟ هنن کي ضرور خبر پوندي تہ تون آيو آهين.


۽ جڏهن هو قيصريہ ۾ اچي پهتا ۽ حاڪم کي خط ڏنائون، تڏهن پولس کي بہ سندس اڳيان حاضر ڪيائون.


تنهن تي انهن ٻارهن رسولن شاگردن جي جماعت کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اها ڳالهہ واجب ناهي تہ اسين خدا جي ڪلام کي ڇڏي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ