Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:3 - Sindhi Bible

3 تنهنڪري ڪليسيا کين روانو ڪيو، ۽ هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگهي، واٽ تي ٻُڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومون خدا ڏانهن ڦري آيون آهن. اهو ٻُڌي ڀائرن کي نهايت خوشي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 تنهن تي انطاڪيا جي منڊليءَ وارن هنن کي روانو ڪيو. هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي. اهو ٻڌي اتان جي وشواسين کي ڏاڍي خوشي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تنهن تي انطاڪيا جي ڪليسيا وارن هنن کي روانو ڪيو. هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي. اهو ٻڌي اتان جي ايمان وارن کي ڏاڍي خوشي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 تنھن تي ڪليسيا جي ماڻھن ھنن کي روانو ڪيو. ھو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ديندار ماڻھن کي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن خدا تي ايمان آندو آھي. اھو ٻڌي انھن کي ڏاڍي خوشي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:3
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر واجب هو تہ اسين شادماني ڪريون، ۽ خوشي ملهايون، ڇوتہ هيءُ تنهنجو ڀاءُ جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


۽ جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن خوش ٿيا، ۽ خدا جي ڪلام جي وڏائي ڪرڻ لڳا، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، تن سڀني ايمان آندو.


۽ شاگرد خوشيءَ سان ۽ پاڪ روح سان ڀرجي ويا.


۽ اُتي اچي جڏهن ڪليسيا کي گڏ ڪيائون، تڏهن جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو ۽ ڪهڙيءَ طرح غير قومن جي لاءِ ايمان جو در کوليو هئائين، سو سڀ بيان ڪري ٻُڌايائون.


۽ ڪي ماڻهو يهوديہ مان اچي ڀائرن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا، تہ جيئن موسيٰ جي رسم آهي تيئن، جيسين اوهان جو ختنو نہ ٿيندو، تيسين اوهان کي نجات ملي نہ سگهندي.


۽ سڄي جماعت ماٺ ڪري برناباس ۽ پولس جو اهو بيان ويٺي ٻُڌو تہ خدا سندن معرفت غير قومن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نشان ۽ ڪرامتون ڪيون هيون.


تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:


۽ يهوداہ ۽ سيلاس، جي پاڻ بہ نبي هئا، تن گهڻيئي ڳالهيون ٻُڌائي ڀائرن کي نصيحت ڪري مضبوط ڪيو.


۽ جڏهن يروشلم ۾ اچي پهتا، تڏهن ڪليسيا ۽ رسولن ۽ بزرگن هنن جو استقبال ڪيو، ۽ جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو، سو سڀ هنن بيان ڪري ٻُڌايو.


پر جيڪي پولس کي اُماڻڻ ويا هئا، سي کيس اٿينيءَ تائين وٺي آيا، ۽ اُتان سيلاس ۽ تيمٿيس لاءِ اهو حڪم وٺي روانا ٿيا، تہ جلدي مون وٽ هليا اچو.


۽ سڀ کان وڌيڪ ڏک انهي ڪري ٿِيُنِ جو هن چيو هو تہ اوهين منهنجو منهن وري ڪين ڏسندا. پوءِ هن کي جهاز تائين اُماڻي آيا.


۽ جڏهن هيئن ٿيو جو اُهي ڏينهن ڀرجي آيا، تڏهن اُتان روانا ٿياسين، ۽ هو سڀيئي پنهنجين زالن ۽ ٻارن سميت اسان سان گڏ هليا آيا، جيستائين ڪ شهر کان نڪري ٻاهر ٿياسين: پوءِ سمنڊ جي ڪناري تي گوڏا کوڙي دعا گهُريسون.


اتي ڀائرن اسان جي اچڻ جو ٻُڌو؛ ۽ اسان کي گڏجڻ لاءِ اپيوس جي چونڪ ۾ ٽن سراين تائين آيا؛ جن کي ڏسي پولس خدا جو شڪر ڪيو، ۽ خاطر جمع ٿيس.


هاڻي جيڪي رسول يروشلم ۾ هئا، تن کي جڏهن خبر پيئي، تہ سامرين خدا جو ڪلام مڃيو آهي، تڏهن پطرس ۽ يوحنا کي انهن ڏانهن موڪليائون.


تنهنڪري جڏهن آئون اسپين ڏانهن ويندس، تڏهن اُميد اٿم تہ انهي سفر ۾ اوهان وٽان ٿيندو ويندس. ڇالاءِ تہ جڏهن اوهان جي صحبت مان ڪجهہ قدر منهنجي دل ڀربي، تڏهن اوهين مون کي انهي پاسي روانو ڪجو.


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو هن کي گهٽ نہ سمجهي، پر کيس صحيح سلامت اڳتي روانو ڪجو تہ مون وٽ اچي؛ ڇالاءِ جو ڀائرن سميت هن جي اچڻ جي لاءِ آئون منتظر آهيان.


۽ شايد اوهان وٽ ٽڪي پوندس، بلڪ سيارو اوهان وٽ گذاريندس، ۽ پوءِ اوهين مون کي سفر تي روانو ڪجو.


يعني تہ اوهان وٽان ٿي مڪدونيہ ڏانهن وڃان، ۽ مڪدونيہ کان موٽي اوهان وٽ اچان، ۽ اوهين مون کي يهوديہ ڏانهن روانو ڪريو.


زيناس، شريعت جي عالم ۽ اپلوس کي اهڙي بندوبست سان روانو ڪج، جيئن هنن کي ڪنهن بہ شيءِ جي گهُرج نہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ