Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:23 - Sindhi Bible

23 ۽ سندن هٿان هيئن لکي موڪليائون تہ جيڪي غير قومن وارا ڀائر انتاڪيہ، ۽ شام، ۽ ڪلڪيہ ۾ ٿا رهن، تن کي رسولن ۽ بزرگن جا سلام رسن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ ”غير قومن مان جيڪي مسيح تي وشواس رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني سنتن ۽ اڳواڻن جا نمسڪار هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ ”غير قومن مان جيڪي مسيح تي ايمان رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ اڳواڻن جا سلام هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 انھن جي ھٿان ھي خط ڏياري موڪليائون تہ ”غير قومن مان جيڪي ايمان آڻيندڙ انتاخيا، شام ۽ ڪلڪيا ۾ ٿا رھن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ بزرگن جا سلام ھجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:23
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو.


۽ جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي تعريف ڪري چيائون تہ تڏهن خدا غير قومن کي بہ زندگيءَ جي لاءِ توبهہ جي توفيق بخشي آهي.


پر منجهانئن ڪي ڪپرس ۽ ڪرين جا ماڻهو هئا، جي انتاڪيہ ۾ آيا هئا، اُهي يونانين کي بہ خداوند جي خوشخبري ٻُڌائڻ لڳا.


۽ اُتي اچي جڏهن ڪليسيا کي گڏ ڪيائون، تڏهن جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو ۽ ڪهڙيءَ طرح غير قومن جي لاءِ ايمان جو در کوليو هئائين، سو سڀ بيان ڪري ٻُڌايائون.


۽ ڪي ماڻهو يهوديہ مان اچي ڀائرن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا، تہ جيئن موسيٰ جي رسم آهي تيئن، جيسين اوهان جو ختنو نہ ٿيندو، تيسين اوهان کي نجات ملي نہ سگهندي.


۽ جڏهن پولس ۽ برناباس سان هنن جو گهڻو بحث ۽ تڪرار هليو؛ تڏهن ڀائرن اهو ٺهراءُ ڪيو تہ پولس ۽ برناباس ۽ انهن مان ڪي ٻيا، انهي سوال بابت رسولن ۽ بزرگن وٽ يروشلم ۾ وڃن.


تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:


۽ جڏهن يروشلم ۾ اچي پهتا، تڏهن ڪليسيا ۽ رسولن ۽ بزرگن هنن جو استقبال ڪيو، ۽ جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو، سو سڀ هنن بيان ڪري ٻُڌايو.


۽ ڪليسيائن کي مضبوط ڪندو، شام ۽ ڪلڪيہ مان لنگهي ويو.


هاڻي پولس ٻيا بہ گهڻا ڏينهن اُتي رهيو، پوءِ ڀائرن کان موڪلائي جهاز تي چڙهي شام ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ساڻس گڏ پرسڪلہ ۽ اڪولہ بہ هئا. ۽ جيئن تہ هن منت مڃي هئي تيئن ڪنخريہ ۾ پنهنجو مٿو بہ ڪُوڙايائين.


پر غير قومن منجهان جن ايمان آندو آهي، تن جي نسبت ۾ اسان فيصلو ڪري لکيو هو، تہ هنن کي گهُرجي تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيل آهن تن کان، ۽ رت کان، ۽ جن جانورن کي گهُٽي ماريو اٿن تن کان، ۽ زنا کان پاسو ڪن.


۽ جڏهن ڪپرس ڏسڻ ۾ آيو، تڏهن اُنهي کي کٻي پاسي ڇڏي اسين شام ڏانهن هلياسين، ۽ صور ۾ وڃي لٿاسين: جو اُتي جهاز کي پنهنجو مال لاهڻو هو.


جناب فيلڪس صاحب بهادر حاڪم کي ڪلوديس لوسياس جا سلام پهچن.


پر جو عبادتخانو لبرتينن جو سڏبو هو، تنهن مان، ۽ ڪرين، ۽ سڪندرين مان، ۽ جي ڪلڪيہ ۽ آسيا جا هئا، تن مان ڪي اُٿي کڙا ٿيا ۽ استيفنس سان بحث ڪرڻ لڳا.


تنهن کانپوءِ آئون شام ۽ ڪلڪيہ جي پرڳڻن ۾ آيس.


خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.


جيڪڏهن ڪوبہ اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي، تہ انهي کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي سلام ڪريوس؛


تنهنجي برگزيدہ ڀيڻ جا ٻار توکي سلام ٿا ڏين.


خدا پيءُ کان، ۽ پيءُ جي فرزند يسوع مسيح کان، فضل ۽ رحم ۽ اطمينان، سچائيءَ ۽ پيار ۾ اسان سان رهندو.


پر اُميد اٿم تہ سگهو ئي اچي توکي گڏبس ۽ پاڻ ۾ روبرو ڳالهيون ڪنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ