Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:11 - Sindhi Bible

11 اسان کي يقين آهي تہ اسان کي بہ خداوند يسوع جي فضل سان ائين ئي نجات ملندي، جيئن هنن کي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 جڏهن تہ اسان کي بہ انهن وانگر پرڀو يسوع جي ڪرپا سان مٿس وشواس آڻڻ تي ئي مڪتي ملي ٿي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن تہ اسان کي بہ انهن وانگر خداوند عيسيٰ جي فضل سان مٿس ايمان آڻڻ تي ئي ڇوٽڪارو ملي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 جڏھن تہ اسان جو ايمان آھي تہ اسان کي بہ انھن وانگر ئي خداوند عيسيٰ جي فضل سان ڇوٽڪارو ملي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُهي سندس فضل جي ڪري، جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي تنهن جي وسيلي، مفت راستباز ٿا ليکجن.


پر جيڪو گناهہ جو حال آهي، سو فضل جي بخشش جو نہ آهي. ڇالاءِ جو جيڪڏهن هڪڙي شخص جي ڏوهہ جي ڪري گهڻا ماڻهو مري ويا، تہ هڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي فضل جي ڪري، گهڻن ئي ماڻهن کي خدا جو فضل ۽ بخشش زيادہ انداز ۾ ملي.


ڇالاءِ جو گناهہ جي مزوري موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشہ جي زندگي آهي.


شل خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان تي هجي.


خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ خدا جي محبت ۽ پاڪ روح جي شراڪت اوهان سڀني سان هجي.


ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.


مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنهن اوهان کي مسيح جي فضل ۾ سڏيو، تنهن کان اوهين اهڙو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو؛


تہ بہ خبر اٿئون تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي ڪمن سان نہ، پر فقط يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان راستباز ٺهرايو ٿو وڃي. تنهنڪري اسان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو؛ تہ مسيح تي ئي ايمان آڻڻ ڪري اسين بہ راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ نہ شريعت جي ڪمن ڪري؛ ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن ڪري ڪوبہ انسان راستباز نہ ٺهربو.


ڇالاءِ جو خدا جو فضل ظاهر ٿيو آهي، ۽ اهو سڀني ماڻهن لاءِ نجات ڏيندڙ آهي؛


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ