Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:10 - Sindhi Bible

10 تنهنڪري اهڙي پاڃاري جا نڪي اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نڪي اسين کڻي ٿي سگهياسين، سا اوهين شاگردن جي ڪنڌ تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 تہ پوءِ اوهين ايشور کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي وشواس آڻيندڙن تي نيم جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تہ پوءِ اوهين خدا کي ڇو ٿا آزمايو جو غير قوم مان مسيح تي ايمان آڻيندڙن تي شريعت جا اهڙا بار ٿا رکو، جن کي نہ اسان جا وڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 تہ پوءِ اھڙا بار جن کي نہ اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين، سي اوھين شاگردن تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟


پر آخز چيو تہ آءٌ ڪين گهرندس ۽ نہ آءٌ خداوند جي آزمائش ڪندس.


هائو، هو ڳريون ڀريون ٿا ٻَڌن، جي کڻڻ مشڪل آهن، ۽ اُهي ماڻهن جي ڪلهن تي کنيو رکن؛ پر پاڻ انهن کي آڱر سان بہ ڪين ٿا چورين.


يسوع هن کي چيو، تہ هيئن بہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائج.“


تنهن تي پطرس چيس تہ اوهان خداوند جي روح کي آزمائڻ لاءِ ٻَڌي ڇو ڪئي آهي؟ ڏس، جيڪي تنهنجي مڙس کي دفن ڪري آيا آهن، تن جا پير اڃا در تي آهن، سي توکي بہ ٻاهر کڻي ويندا.


يا هاڻي جڏهن اوهين خدا کان واقف ٿيا، بلڪ جڏهن خدا اوهان کي سڃاتو آهي، تڏهن وري انهن ضعيف ۽ ڪين جهڙين ابتدائي شين ڏانهن ڪيئن ٿا ڦرو، ۽ ڪيئن غلاميءَ ۾ رهڻ لاءِ وري خواهش ٿا ڪريو؟


مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو.


جتي اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو، ۽ چاليهہ ورهيہ منهنجا ڪم ڏٺائون.


اهو هاڻوڪي زماني جو هڪڙو مثال آهي، جنهن موجب اهڙا نذرانا ۽ اهڙيون قربانيون ڏنيون وينديون آهن، جي عبادت ڪندڙن جي دل کي ڪامل ڪري نہ سگهنديون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ