Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:1 - Sindhi Bible

1 ۽ ڪي ماڻهو يهوديہ مان اچي ڀائرن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا، تہ جيئن موسيٰ جي رسم آهي تيئن، جيسين اوهان جو ختنو نہ ٿيندو، تيسين اوهان کي نجات ملي نہ سگهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر آيا ۽ مسيح تي وشواس رکندڙن کي هيءَ سکيا ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي نيم موجب ختنو نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي مڪتي ملي نہ سگھندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر ۾ آيا ۽ مسيح تي ايمان رکندڙن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي شريعت موجب طهر نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي ڇوٽڪارو ملي نہ سگھندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ڪي ماڻھو يھوديہ کان انتاخيا ۾ آيا ۽ اھي ڀائرن کي ھيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”تيستائين اوھان کي ڪڏھن بہ ڇوٽڪارو نہ ملندو، جيستائين اوھين موسيٰ جي شريعت موجب طھر نہ ڪرائيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:1
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اٺين ڏينهن انهي ڇوڪر جي بدن جي کل جو ختنو ڪيو وڃي.


انهي سبب موسيٰ اوهان کي ختني جو حڪم ڏنو آهي. (نہ ڪ اُهو موسيٰ کان آهي پر ابن ڏاڏن کان)، ۽ سبت جي ڏينهن اوهين ماڻهوءَ جو ختنو ڪرائيندا آهيو.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:


۽ سندن هٿان هيئن لکي موڪليائون تہ جيڪي غير قومن وارا ڀائر انتاڪيہ، ۽ شام، ۽ ڪلڪيہ ۾ ٿا رهن، تن کي رسولن ۽ بزرگن جا سلام رسن:


جيئن تہ اسان ٻُڌو آهي تہ ڪي ماڻهو، جن کي اسان ڪو حڪم ڪونہ ڏنو هو، تن اسان وٽان وڃي ڪي ڳالهيون ڪري اوهان کي مُنجهائي ڇڏيو آهي، ۽ اوهان جي دلين ۾ رولو وجهي ڇڏيو اٿن؛


تنهنڪري ڪليسيا کين روانو ڪيو، ۽ هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگهي، واٽ تي ٻُڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومون خدا ڏانهن ڦري آيون آهن. اهو ٻُڌي ڀائرن کي نهايت خوشي ٿي.


۽ يهوداہ ۽ سيلاس، جي پاڻ بہ نبي هئا، تن گهڻيئي ڳالهيون ٻُڌائي ڀائرن کي نصيحت ڪري مضبوط ڪيو.


پر فريسين جي فرقي مان جن ايمان آندو هو، تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ضرور آهي تہ هنن جو ختنو ٿئي، ۽ کين حڪم ڏنو وڃي تہ موسيٰ جي شريعت تي هلن.


۽ جڏهن انهن اهو ٻُڌو، تڏهن خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چيائونس، تہ ادا، توکي خبر آهي تہ يهودين منجهان ڪيترائي هزار آهن جن ايمان آندو آهي؛ ۽ اهي سڀ شريعت بابت ڏاڍا جوشيلا آهن:


ڇوتہ اسان هن کي هيئن چوندو ٻُڌو آهي، تہ اِهو يسوع ناصري هن جاءِ کي برباد ڪندو، ۽ جيڪي رسمون موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي، تن کي بدلائي ڇڏيندو.


وري چوڏهن ورهين کانپوءِ آئون برناباس سان گڏجي يروشلم ڏانهن ويس، ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان وٺي ويس.


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


جيڪي ماڻهو جسماني ڏيک ڪرڻ ٿا گهُرن، سي اوهان کي ختني ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، رڳو انهي لاءِ تہ مسيح جي صليب جي سبب هو ستايا نہ وڃن.


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛


خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ