Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 14:9 - Sindhi Bible

9 تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس يسوع مسيح تي ايترو وشواس آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس عيسيٰ مسيح تي ايترو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 جڏھن ھو پولس جون ڳالھيون ٻڌي رھيو تہ پولس ھن ڏانھن چتائي نھاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس ايترو ايمان آھي جو ھو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 14:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن جي بي اعتقاديءَ ڪري هن اُتي گهڻا معجزا نہ ڪيا.


تڏهن يسوع ورندي ڏيئي چيس تہ اي مائي، تنهنجو ايمان وڏو آهي. جيئن تون گهُرين ٿي تيئن ئي تنهنجي لاءِ ٿئي. ۽ اُنهي گهڙيءَ سنديس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.


جڏهن يسوع هي ٻڌو تڏهن عجب لڳس، ۽ جيڪي پٺيان ٿي آيس تن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هيڏو ايمان مون ڪونہ ڏٺو آهي، بلڪ اسرائيل ۾ بہ نہ.


پر يسوع پٺتي ڦري هن کي ڏسي چوڻ لڳو، تہ ڌيءَ دلجاءِ ڪر؛ تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. ۽ اُها زال اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱي ڀلي ٿي پيئي.


تنهن تي يسوع چيس تہ وڃ، تنهنجي ايمان توکي سڄو ڪيو آهي، ۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ رستي ۾ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.


۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو، تہ پٽ تنهنجا گناهہ توکي معاف ٿيا.


تڏهن وري هن پنهنجا هٿ هن جي اکين تي رکيا، ۽ هو چتائي نهارڻ لڳو، ۽ سڄو سارو ٿي پيو، ۽ سڀ شيون صاف ڏسڻ لڳو.


۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.


۽ پطرس توڙي يوحنا اکيون کُپائي چيس، تہ اسان ڏانهن نهار.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ