Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:41 - Sindhi Bible

41 ”اوهين جي حقارت ٿا ڪريو، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو؛ ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ جو آئون اوهان جي زماني ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻُڌائي تہ اوهين ڪڏهن بہ مٿس اعتبار ڪين آڻيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 ’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ وشواس نہ ڪندا.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 ’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ اعتبار نہ ڪندا.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 ’اوھين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان جي زماني ۾ ھڪڙو اھڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوھين مٿس ڪڏھن بہ ويساھہ نہ ڪندا.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:41
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛


تنهن ڪري جيئن باهہ جو شعلو بت کي کائي وڃي ٿو، ۽ جيئن سڪل گاهہ شعلي ۾ ڳيسجي وڃي ٿو، تيئن هنن جي پاڙ سڙي ڪِني ٿي ويندي، ۽ انهن جو ٻُور مٽيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي شريعت رد ڪئي آهي، ۽ اسرائيل جي پاڪ وجود جو ڪلام ڌڪاريو آهي.


۽ اوهين پنهنجو نالو منهنجن چونڊيلن جي لاءِ لعنت وانگي ڇڏيندا، ۽ خداوند خدا توکي قتل ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن بندن کي ٻئي نالي سان سڏيندو؛


انهي هوندي بہ جي تون انهي شرير کي پنهنجي رستي کان ڦرڻ لاءِ خبردار ڪندين ۽ هو انهي کان نہ ڦرندو؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر تو پنهنجو ساهہ بچايو آهي.


اوهين قومن تي ڌيان ڏيئي نظر ڪريو ۽ گهڻو عجب ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهانجن ڏينهن ۾ اهڙو ڪم ڪندس جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌايو ويندو، تہ اوهين اعتبار ڪين ڪندا.


۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا.


۽ خلق بيٺي ڏٺو: ۽ سردارن پڻ مٿس چٿرون ڪري پئي چيو تہ ٻين کي تہ بچايائين، هاڻ جي هيءُ خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آهي، تہ پاڻ کي بچائي.


ڇالاءِ جو خداوند اسان کي هيءُ حڪم ڏنو آهي، تہ ”مون توکي غير قومن جي لاءِ نُور مقرر ڪيو آهي، تہ تون زمين جي ڇيڙي تائين نجات جو وسيلو ٿين.“


پوءِ مون کي چيائين تہ هتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ جو آئون توکي هتان پري غير قومن ۾ موڪليندس.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ نبيءَ جي ڳالهہ نہ ٻُڌندو، سو اُمت مان بلڪل برباد ٿي ويندو.“


ڇوتہ اسان هن کي هيئن چوندو ٻُڌو آهي، تہ اِهو يسوع ناصري هن جاءِ کي برباد ڪندو، ۽ جيڪي رسمون موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي، تن کي بدلائي ڇڏيندو.


۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي.


ڇالاءِ جو اهو وقت اچي پهتو آهي تہ خدا جي ڪليسيا مان عدالت شروع ٿئي: ۽ جيڪڏهن اُها پهرين اسان وٽان شروع ٿيندي، تہ جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نٿا مڃين، تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿيندي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ