Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:40 - Sindhi Bible

40 تنهنڪري خبردار رهجو تہ جيڪي نبي چئي ويا آهن، سو متان اوهان تي اچي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 خبردار ٿجو تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو ويو آهي سو اوهان سان نہ ٿئي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 خبردار ٿجو تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو آهي سو اوهان سان نہ ٿئي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 خبردار ٿجو تہ جيڪي نبين چيو آھي سو اوھان سان نہ ٿئي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:40
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري ڏس، آءٌ هن اُمت ۾ هڪڙو عجيب ڪم ڪندس، بلڪل عجيب ۽ حيرت جهڙو ڪم، ۽ انهن جي ڏاهن ماڻهن جي ڏاهپ چٽ ٿي ويندي، ۽ انهن جي سمجهہ وارن جي سمجهہ گم ٿي ويندي.


انهي هوندي بہ جي تون انهي شرير کي پنهنجي رستي کان ڦرڻ لاءِ خبردار ڪندين ۽ هو انهي کان نہ ڦرندو؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر تو پنهنجو ساهہ بچايو آهي.


اوهين قومن تي ڌيان ڏيئي نظر ڪريو ۽ گهڻو عجب ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ اوهانجن ڏينهن ۾ اهڙو ڪم ڪندس جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌايو ويندو، تہ اوهين اعتبار ڪين ڪندا.


پر هن جي آمد جو ڏينهن ڪير سهي سگهندو؟ ۽ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن ڪير بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو سوناري جي باهہ ۽ ڌوٻيءَ جي صابڻ وانگي آهي:


ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.


پوءِ چيائين تہ جڏهن اڃا آئون اوهان سان هوس، تڏهن اهي ڳالهيون مون اوهان سان ڪيون هيون، تہ منهنجي بابت جيڪي موسيٰ جي توريت، ۽ نبين جي ڪتابن، ۽ زبور ۾ لکيل آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.


نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، تہ ”اُهي سڀ خدا پاران سيکاريا ويندا.“ هرڪو جنهن پيءُ کان ٻُڌو آهي، ۽ وٽانئس سکيو آهي، سو مون وٽ ٿو اچي.


۽ جيڪي نبي چئي ويا آهن، سو بہ انهيءَ سان ملي ٿو اچي، جيئن لکيل آهي تہ


پر خدا هنن کان منهن موڙيو ۽ ڇڏي ڏنائينِ، تہ وڃي آسمان جي لشڪر کي پوڄين، جيئن نبين جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان رڻ پٽ ۾ چاليهہ ورهيہ جانور ڪُهي منهنجي لاءِ قربانيون چاڙهيون ڇا؟


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛


اي ڀائرو، سنڀال ڪجو تہ متان اوهان مان ڪنهن جي دل اهڙي خراب ۽ بي ايمان ٿئي جو زندہ خدا کان ڦري وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ