Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:34 - Sindhi Bible

34 باقي اها ڳالهہ تہ هن اُنهي کي اهڙيءَ طرح مُئلن مان جياريو جو هو وري مرڻ جو ناهي، تنهن بابت هن هيئن چيو آهي، تہ ”آئون توکي دائود واريون پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 باقي اها ڳالهہ تہ ايشور انهيءَ کي اهڙيءَ طرح مئلن مان وري جيوت ڪيو جو هو وري ٻيهر ڪڏهن بہ نہ مرندو، تنهن بابت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’آءٌ تو کي دائود سان وچن ڪيل پوِتر ۽ سچا وردان ڏيندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 باقي اها ڳالهہ تہ خدا انهيءَ کي اهڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو هو وري ٻيهر ڪڏهن بہ نہ مرندو، تنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيل پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 باقي اھا ڳالھہ تہ خدا انھيءَ کي اھڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو ھو وري ٻيھر ڪڏھن بہ نہ مرندو، تنھن بابت لکيل آھي تہ ’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيل پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:34
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تحقيق منهنجو گهراڻو خداوند وٽ اهڙو نہ آهي؛ انهيءَ هوندي بہ هن هميشہ لاءِ مون سان عهد اقرار ڪيو آهي، جو سڀني ڳالهين ۾ ترتيب وارو ۽ محڪم آهي: ڇالاءِ جو اهو منهنجو پورو ڇوٽڪارو، ۽ منهنجي سموري خواهش آهي، ۽ جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي نٿو وڌائي.


اوهين پنهنجو ڪن ڏيو ۽ مون ڏانهن اچو؛ ٻڌو تہ اوهان جو روح جيئرو رهي: ۽ آءٌ اوهان سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس، يعني دائود واريون سچيون رحمتون نازل ڪندس.


پر هو خداوند پنهنجي خدا جي، ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي، جنهن کي آءٌ هنن جي لاءِ برپا ڪندس، خدمت ڪندا.


تڏهن آءٌ يعقوب جو، ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جو اولاد بہ رد ڪري ڇڏيندس، تہ انهن مان ڪنهن کي بہ نہ وٺان تہ ابرهام، اسحاق ۽ يعقوب جي نسل تي حڪم هلائين: بلڪ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس، ۽ هنن تي رحم ڪندس.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


اُنهيءَ ڏينهن دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦٽل هنڌ وري جوڙي ٺاهيندس، ۽ اڳين ڏينهن وانگي اُنهي کي اڏيندس؛


انهيءَ ڏينهن خداوند يروشلم جي رهاڪن جو بچاءُ ٿيندو؛ ۽ انهن مان سڀ ڪنهن کان ضعيف دائود وانگر ٿيندو، ۽ دائود جو گهراڻو خدا وانگر يعني خدا جي فرشتي وانگر ٿيندو، جو سندن اڳيان اڳيان هلي ٿو.


پر خدا کيس مُئلن مان جياريو.


تہ ڪيئن خدا يسوع کي جياري، اسان جي اولاد جي لاءِ اُهو واعدو پورو ڪيو؛ جيئن ڪ ٻئي زبور ۾ لکيل آهي تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين.“


پر جنهن کي خدا جياريو، سو سڙي ڪين ويو.


پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.


جو ڄاڻون ٿا تہ مسيح، جو مُئلن مان جيئرو ٿي اُٿيو، سو وري مرڻ جو نہ آهي، هاڻي وري موت جو انهي تي ڪوبہ اختيار ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ