Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:31 - Sindhi Bible

31 ۽ جيڪي ساڻس گڏ گليل مان يروشلم ۾ آيا هئا، سي گهڻن ڏينهن تائين کيس ڏسندا رهيا، ۽ اُهي ئي اُمت جي اڳيان سندس شاهد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو انهن کي درشن ڏيندو رهيو، جيڪي ساڻس گليل علائقي کان يروشلم شهر تائين گڏ آيا هئا. اهي هاڻي بني اسرائيل قوم جي اڳيان سندس شاهد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو انهن کي ڏيکاري ڏيندو رهيو، جيڪي ساڻس گليل علائقي کان يروشلم شهر تائين گڏ آيا هئا. اهي هاڻي بني اسرائيل قوم جي اڳيان سندس شاهد آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 ۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھو انھن کي ڏيکاري ڏيندو رھيو، جيڪي ساڻس گليل کان يروشلم تائين گڏ ھئا. اھي ھاڻي بني اسرائيل جي قوم آڏو سندس شاھد آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:31
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اُهي يارهن شاگرد گليل ۾ انهي جبل ڏانهن ويا، جتي يسوع حڪم ڏيئي ڇڏيو هُئن.


اوهين انهن ڳالهين جا شاهد آهيو.


۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.


۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.


يعني يوحنا جي بپتسما کان وٺي، انهي ڏينهن تائين جڏهن ڪ هو اسان وٽان مٿي چڙهي ويو، تن مان هڪڙو ضرور يسوع جي وري جي اُٿڻ جو شاهد رهي.


۽ هن کين پنهنجي ڏک سهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ثابتين سان پاڻ کي جيئرو ڏيکاريو، جيئن تہ چاليهن ڏينهن تائين هنن کي پاڻ ڏيکاريندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ڪندو رهيو:


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


۽ جيڪي ڪہ هن يهودين جي ملڪ ۾، ۽ يروشلم ۾ ڪيو، تنهن سڀ جا اسين شاهد آهيون. پر هنن کيس صليب تي چاڙهي لٽڪائي ماريو.


نہ سڄيءَ اُمت کي، پر انهن شاهدن کي، جن کي خدا اڳيئي چونڊيو هو؛ يعني اسان کي، جي جڏهن هو وري جي اُٿيو، تڏهن ساڻس گڏ کائيندا پيئندا هئاسين.


اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.


۽ زندگيءَ جي مالڪ کي ماريوَ، جنهن کي خدا مُئلن مان جياريو. ۽ انهيءَ ڳالهہ جا اسين شاهد آهيون.


اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون؛ ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جي سندس حڪم ٿا مڃين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ