Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن هنن روزا رکي ۽ دعا گهُري، مٿن هٿ رکيا، ۽ کين روانو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 سو جڏهن هو وِرت سان پرارٿنا ڪري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو جڏهن هو روزي سان دعا گھري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 تڏھن انھن روزو رکيو ۽ دعا گھرندي ھنن تي ھٿ رکيا ۽ پوءِ کين روانو ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهي تي پنهنجا هٿ رکيائين، ۽ انهي جو تقرر ڪيائين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ چوراسي ورهين کان بيوهہ هئي، ۽ ڪڏهن بہ هيڪل مان پير ٻاهر نہ ڪڍندي هئي، پر رات ڏينهن روزا رکي، ۽ دعائون گهُري، عبادت پيئي ڪندي هئي:


پوءِ هنن دعا گهُري چيو، تہ اي خداوند، تون جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهين، سو تون ٻُڌاءِ تہ هنن ٻن مان تو ڪنهن کي چونڊيو آهي،


جڏهن هنن روزا رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي، تڏهن پاڪ روح چين تہ جنهن ڪم لاءِ مون برناباس ۽ شائول کي چونڊيو آهي، تنهن ڪم لاءِ کين منهنجي واسطي ڌار ڪريو.


سو اهي پاڪ روح جي موڪلڻ موجب سلوڪيہ ڏانهن ويا؛ ۽ اتان جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانا ٿيا.


۽ جڏهن هرهڪ ڪليسيا ۾ سندن لاءِ بزرگ مقرر ڪري رهيا، ۽ هنن جي لاءِ روزا رکي دعا گهُري رهيا، تڏهن کين خدا، جنهن تي ايمان آندو هئائون، تنهن جي حوالي ڪيائون.


۽ اُتان جهاز تي چڙهي انتاڪيہ ڏانهن روانا ٿيا، جتي کين انهي ڪم جي لاءِ، جو هنن هاڻ پورو ڪيو هو، خدا جي فضل لاءِ سونپيو هئائون.


پر پولس سيلاس کي پسند ڪري کنيو؛ ۽ ڀائرن هن کي خدا جي فضل جي حوالي ڪيو؛ پوءِ هو روانو ٿيو.


۽ کين رسولن جي اڳيان آڻي بيهاريائون: جن دعا گهُري مٿن هٿ رکيا.


پوءِ حنانياہ اُٿي هليو، ۽ انهي گهر ۾ ويو ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي چوڻ لڳو، تہ ادا شائول، جنهن خداوند يسوع توکي واٽ تي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن مون کي موڪليو آهي تہ توکي ڏسڻ جي طاقت ملي، ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.


۽ جيسين هو موڪليا نہ وڃن، تيسين ڪيئن منادي ڪندا؟ جيئن لکيل آهي تہ، ”جيڪي چڱين ڳالهين جي خوشخبري ٿا آڻين، تن جا قدم ڪهڙا نہ مبارڪ آهن!“


جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي تڪڙ ڪري هٿ نہ رک، نڪي ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿيءُ؛ پاڻ کي پاڪ رک.


انهي سبب ڪري آئون توکي ياد ٿو ڏياريان، تہ تون خدا جي انهيءَ بخشش کي وري چمڪاءِ، جا منهنجن هٿن رکڻ ڪري توکي مليل آهي.


۽ جيڪي ڳالهيون گهڻن شاهدن جي اڳيان تو مون کان ٻُڌيون آهن، سي ٻين ايمان وارن ماڻهن جي سپرد ڪر، جي وري ٻين کي بہ سيکاري سگهن.


انهن ڪليسيا جي اڳيان تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. تون اُنهن کي اهڙيءَ طرح سفر تي روانو ڪر، جهڙيءَ طرح خدا جي خدمت جي لائق آهي.


تنهنڪري اسان کي گهرجي تہ اهڙن جون گهُرجون پوريون ڪريون، تہ سچائيءَ ۾ سندن هم خدمت ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ