Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:25 - Sindhi Bible

25 ۽ جڏهن يوحنا پنهنجو دور پورو ڪرڻ تي هو، تڏهن چيائين، تہ اوهين ڀانئيو ٿا تہ آئون ڪير آهيان؟ آئون اُهو ناهيان؛ پر ڏسو، مون کانپوءِ اُهو شخص ٿو اچي، جنهن جي پيرن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 جڏهن يوحنا پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ تي هو تہ هن ماڻهن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڏسو، آءٌ اهو نہ آهيان جنهن جو اوهين انتظار ڪري رهيا آهيو، پر اهو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 جڏهن يحيٰ پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ تي هو تہ هن ماڻهن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڏسو، آءٌ اهو نہ آهيان جنهن جو اوهين انتظار ڪري رهيا آهيو، پر اهو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 جڏھن يحيٰ پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ تي ھو تہ ھن ماڻھن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ آءٌ اھو نہ آھيان جنھن جو اوھين انتظار ڪري رھيا آھيو، پر اھو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:25
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


هن منادي ڪري چيو، تہ منهنجي پٺيان هڪڙو اچي ٿو، جو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي؛ جنهن جي جُتيءَ جا ڌاڳا نِوڙي ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


۽ مون ڏٺو آهي، ۽ شاهدي ڀري اٿم تہ هيءُ خدا جو فرزند آهي.


تڏهن يسوع کي گهُمندو ڏسي، ڏانهنس نهاري چيائين، اِجهو خدا جو گهيٽو!


يسوع چين تہ منهنجو کاڄ هيءُ آهي، تہ جنهن موڪليو اٿم، تنهن جي مرضي بجا آڻيان، ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


جو پاڻو ٿو چوي، سو پنهنجي وڏائي ٿو ڳولي: پر جيڪو انهيءَ جي وڏائي ٿو ڳولي، جنهن کيس موڪليو آهي، سو ئي سچو آهي ۽ منجهس کوٽ ڪونهي.


ڇالاءِ جو دائود تہ پنهنجي وقت ۾ خدا جي مرضيءَ پٽاندر هلندو هو، تنهن کانپوءِ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيو، ۽ سڙي مري ويو:


تنهن تي پولس چيو، تہ يوحنا توبهہ جي بپتسما ڏيندو هو، ۽ ماڻهن کي چوندو هو تہ جيڪو مون کانپوءِ اچڻ وارو آهي، يعني يسوع، تنهن تي ايمان آڻجو.


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون.


آئون چڱي ڪُشتي وڙهيو آهيان، مون پنهنجو دور آڻي پورو ڪيو آهي، آئون پنهنجي ايمان تي قائم رهيو آهيان؛


۽ جڏهن هو پنهنجي شاهدي پوري ڪري ڇڏيندا، تڏهن جيڪو حيوان اوڙاهہ مان نڪرندو سو ساڻن وڙهندو، ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ