Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:20 - Sindhi Bible

20 ۽ اِنهن ڳالهين کانپوءِ هنن لاءِ سموئيل نبيءَ جي زماني تائين قاضي مقرر ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اهڙيءَ طرح ساڍا چار سؤ سال گذري ويا. ان کان پوءِ ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت سموئيل جي زماني تائين انهن لاءِ رهبر مقرر ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اهڙيءَ طرح ساڍا چار سؤ سال گذري ويا. ان کان پوءِ خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انهن لاءِ رهبر مقرر ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 اھڙيءَ طرح ساڍا چار ⁠سؤ سال گذري ويا. تڏھن خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انھن لاءِ رھبر مقرر ڪندو رھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:20
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ توکي تنهنجن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندس. تنهن کان سواءِ خداوند توکي چوي ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو.


يقين آهي تہ اهڙي فسح جي عيد، جيڪي قاضي اسرائيل جي عدالت ڪندا هئا تن جي ڏينهن کان وٺي ڪابہ ڪانہ ڪئي ويئي هئي، ۽ نہ اسرائيل جي بادشاهن جي ڏينهن ۾ ڪڏهن ٿي هئي، نڪي يهوداہ جي بادشاهن جي ڪل ڏينهن ۾ ٿي هئي؛


جن جن جاين تي آءٌ بني اسرائيل سان گڏ پئي هليو آهيان، اُتي مون اسرائيل جي ڪنهن بہ قاضيءَ کي، جنهن کي حڪم ڪيو هوم تہ منهنجي قوم جي سنڀال ڪري، ڪو چيو ڇا تہ اوهان ڇو منهنجي لاءِ ديودار جي ڪاٺيءَ جو گهر نہ جوڙيو آهي؟


هائو، ۽ سڀ نبي، سموئيل کان وٺي جيڪي بہ کانئس پوءِ ٿيا، تن مان جن جن نبوت ڪئي، تن سڀني بہ هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي.


۽ خداوند قاضي اُٿاريا، جن انهن کي سندن ڦرلٽ ڪرڻ وارن کان بچايو.


۽ خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسرائيلين جو قاضي ٿيو؛ ۽ هو جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو؛ ۽ خداوند مسوپتاميہ جو بادشاهہ ڪوشن رسعتيم هنن جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هنن جو هٿ ڪوشن رسعتيم تي غالب پيو.


جن ڏينهن ۾ قاضي انصاف ڪندا هئا تن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ انهي ملڪ ۾ ڏڪار پيو، ۽ بيت الحم يهوداہ جو هڪڙو ماڻهو، پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن سميت موآب جي ملڪ ۾ وڃي رهڻ لڳو.


۽ خداوند، يروبعل، ۽ بدان، ۽ افتاح، ۽ سموئيل موڪليا، ۽ اوهان کي سڀ ڪنهن پاسي اوهانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايائين، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.


۽ ساري اسرائيل کي دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ