Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:16 - Sindhi Bible

16 تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڏيئي چوڻ لڳو تہ اي اسرائيليو! ۽ اوهين جن کي خدا جو ڊپ آهي، سي ڪَن ڏيئي ٻُڌو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڪندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي ايشور ڀڳت غير يهوديؤ! ڪن ڏيئي ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڪندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي خداپرست غير يهوديؤ! ڪن ڏيئي ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 تنھن تي پولس اٿي بيٺو ۽ ھٿ جو اشارو ڏيندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! ڪن ڏيئي ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:16
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن ۾ هو جيترا ڏينهن رهندا اچن، اوترن ۾ توکان ڊڄندا رهن.


اي لاويءَ جا گهراڻا خداوند کي مبارڪ چئو: اوهين جي خداوند کان ڊڄو ٿا سي خداوند کي مبارڪ چئو.


خدا اسان کي برڪت ڏيندو؛ ۽ زمين جي ڇيڙي تائين سڀيئي ماڻهو کانئس ڊڄندا.


يقيناً جيڪي هن کان ڊڄن ٿا، تن کي نجات ويجهي آهي؛ تہ اسان جي ملڪ ۾ جلال قائم رهي.


پوءِ جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ ساڻن ڳالهائي نہ سگهيو: تڏهن انهن سمجهيو تہ هن پاڪ جاءِ ۾ ڪا رويا ڏٺي آهي: ۽ هن هٿن جا اشارا پئي ڪين، پر ڳالهائي ڪين سگهيو.


۽ سندس ٻاجهہ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ اُنهن تي آهي، جي کانئس ڊڄن ٿا.


پر ٻئي جواب ڏيئي هن کي ڇڙٻي چيو تہ تون خدا کان بہ نٿو ڊڄين، جو ڏس، توکي بہ تہ ساڳي ئي سزا ملي آهي؟


هو ديندار ماڻهو هو، ۽ پاڻ توڙي سندس گهراڻو سڀ خدا جو ڊپ رکندا هئا؛ ۽ هو اُمت کي گهڻي خيرات ڏيندو هو، ۽ هميشہ خدا کان دعا گهُرندو هو.


پر سڀ ڪنهن قوم ۾ جيڪو کانئس ڊڄي ٿو ۽ راستبازيءَ تي هلي ٿو، سو وٽس قبول ٿو پوي.


پر هن هٿ سان اشارو ڏيئي چين تہ ماٺ ڪريو، پوءِ ٻُڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس قيدخاني مان ڇڏايو. ۽ چيائين تہ هن ڳالهہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي خبر ڏجو. پوءِ پاڻ نڪري ٻئي هنڌ هليو ويو.


اي ڀائرو، ابراهيم جا اولاد، ۽ اي خدا ترس ماڻهو، اسان وٽ اِهو نجات جو ڪلام موڪليو ويو آهي.


سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.


پوءِ سڪندر، جنهن کي يهودي گوڙ مان ڪڍي آيا، تنهن کي کڻي اڳواڻ ڪيائون. ۽ سڪندر هٿ سان اشارو ڏنو، ۽ مرضي هيس تہ ماڻهن جي اڳيان بچاءُ ڏيان.


پر پطرس انهن يارهن سان گڏ بيهي، وڏي سڏ ڳالهائي چوڻ لڳو، تہ اي يهودي ۽ ٻيا اوهين سڀ جي يروشلم جا رهاڪو آهيو، جيڪي آئون چوان ٿو سو ڪَن ڏيئي ٻُڌو؛


اي اسرائيليو، هي ڳالهيون ٻُڌو؛ يسوع ناصري هڪڙو شخص هو، ۽ جيڪي ڪرامتون ۽ نشانيون خدا سندس هٿان ڪيون، جن جي خود اوهان کي خبر آهي، تن مان ثابت ٿيو تہ هو خدا وٽان آيو آهي.


جڏهن هن موڪل ڏنس، تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي ماڻهن کي هٿ سان اشارو ڏنو؛ ۽ جڏهن ڏاڍي ماٺ ٿي ويئي، تڏهن عبراني ٻوليءَ ۾ هنن کي هيئن چوڻ لڳو تہ،


ايستائين هو سندس ٻُڌندا رهيا، پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ههڙي ماڻهوءَ کي زمين تان چٽ ڪري ڇڏيو، جو سندس جيئرو رهڻ ئي واجب نہ آهي.


جڏهن پطرس اهو حال ڏٺو، تڏهن ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيائين، تہ اي اسرائيليو، هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ يا اسان ۾ اکيون پائي ڇو بيٺا آهيو، ڄڻ تہ اسان پنهنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ ڪري هن کي هلڻ جي طاقت ڏني آهي؟


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون لڪل من مان ڏيندس، ۽ هڪڙو اڇو پهڻ ڏيندوسانس، ۽ انهي پهڻ تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، ۽ جنهن کي اهو نالو ملندو تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ اهو نہ ڄاڻندو.


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي.


جنهن کي ڪَن آهن سو ٻُڌي تہ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ زندگيءَ جي وڻ جو ڦل کائڻ لاءِ ڏيندس جو خدا جي فردوس ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ