Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:13 - Sindhi Bible

13 هاڻي پولس ۽ سندس سنگتي پافس مان جهاز تي چڙهي روانا ٿيا، ۽ پرگا ۾ آيا، جو پمفوليہ ۾ آهي؛ پر يوحنا هنن کي ڇڏي موٽي يروشلم ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي پمفيليا علائقي جي پرگا شهر ۾ آيا. پوءِ يوحنا عرف مرقس هنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانهن موٽي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جهاز تي چڙهي پمفيليا علائقي جي پرگا شهر ۾ آيا. پوءِ يوحنا عرف مرقس هنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانهن موٽي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي پرگا ۾ آيا، جو پمفوليا ۾ آھي. پر يوحنا عرف مرقس ھنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانھن موٽي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪري رهيو تڏهن هو، يوحنا جنهن کي مرقس ڪري چوندا هئا، تنهن جي ماءُ مريم جي گهر آيو؛ اُتي گهڻا ئي اچي گڏ ٿيا هئا ۽ دعا پئي گهُريائون.


ڪن ڏينهن کانپوءِ برناباس پولس کي چيو، تہ هل تہ انهن شهرن ۾ هلون، جن ۾ اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو هو، ۽ ڏسون تہ اُنهن جو ڪهڙو حال آهي.


پر پولس مناسب نہ سمجهيو تہ جو شخص پمفوليہ مان کانئن ڌار ٿي ويو هو، ۽ اِنهي ڪم لاءِ ساڻن نہ هليو، تنهن کي ساڻ کڻجي.


۽ فروگيا ۽ پمفوليہ ۽ مصر ۽ لبيا جي علائقي جا رهندڙ آهيون جو ڪرينيءَ جي طرف آهي، ۽ رومي مسافر خواہ يهودي خواہ سندن نومريد، ۽ ڪريتي ۽ عرب آهيون؛


۽ جڏهن ڏکڻ جو واءُ آهستي آهستي لڳڻ شروع ٿيو، تڏهن هنن ڀانئيو تہ هاڻ اسان جو مطلب پورو ٿيو، تنهنڪري لنگر کڻي ڪريتيءَ جو ڪنارو ڏيئي هليا.


۽ جڏهن ڪلڪيہ ۽ پمفوليہ جي پاسي واري سمنڊ مان لنگهياسين، تڏهن مورا ۾ آياسين، جو لوڪيہ جو هڪڙو شهر آهي.


ارسترخس، جو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، ۽ برناباس جي سوٽ مرقس (جنهن جي بابت اوهان کي حڪم مليو، اهو جي اوهان وٽ اچي تہ انهي جو استقبال ڪجو.)


رڳو لوقا مون وٽ آهي. مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج: ڇالاءِ جو خدمت جي ڪم ۾ هو مون کي ڪمائتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ