Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:12 - Sindhi Bible

12 تڏهن حاڪم هي حال ڏسي خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو، ۽ ايمان آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ پرڀو يسوع بابت سکيا تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس وشواس آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ خداوند عيسيٰ بابت تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس ايمان آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 جڏھن گورنر ھي حال ڏٺو تہ خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ ايمان آندائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو.


۽ سڀني سندس لاءِ شاهدي ڀري، ۽ جيڪي فضل ڀريون ڳالهيون سندس واتان نڪتيون، سي ٻڌي عجب کاڌائون ۽ چوڻ لڳا تہ هي يوسف جو پٽ نہ آهي ڇا؟


۽ سڀني کي ڊپ وٺي ويو، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ۾ هڪڙو وڏو نبي جاڳيو آهي: ۽ خدا پنهنجي اُمت تي نظر ڪئي آهي.


حوالدارن جواب ڏنو تہ ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو.


۽ جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن خوش ٿيا، ۽ خدا جي ڪلام جي وڏائي ڪرڻ لڳا، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، تن سڀني ايمان آندو.


۽ خداوند جو ڪلام انهي ساري علائقي ۾ پکڙجي ويو.


هو صوبي جي حاڪم سرگيس پولس سان هو، جو سمجهو ماڻهو هو. انهي برناباس ۽ شائول کي پاڻ وٽ گهُرائي خدا جو ڪلام ٻُڌڻ جي مرضي ڏيکاري.


پر اليماس يعني جادوگر (ڇوتہ انهي لقب جي معنيٰ اها آهي) سندن برخلاف ٿي بيٺو، جو ڀانيائين تہ حاڪم کي ايمان آڻڻ کان روڪيان.


پر پولس ۽ برناباس انتاڪيہ ۾ ترسي پيا، ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي سان گڏجي خداوند جي ڪلام جي تعليم ڏيندا، ۽ اُنهي جي خوشخبري ٻُڌائيندا رهيا.


ڪن ڏينهن کانپوءِ برناباس پولس کي چيو، تہ هل تہ انهن شهرن ۾ هلون، جن ۾ اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو هو، ۽ ڏسون تہ اُنهن جو ڪهڙو حال آهي.


پر جن ڏينهن ۾ گليو، اخيہ جو حاڪم هو، تن ڏينهن ۾ يهودي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري پولس تي ڪاهي آيا، ۽ عدالت ۾ وٺي آيس؛


۽ اهڙيءَ طرح ٻہ ورهيہ گذري ويا؛ انهي ڪري جيڪي آسيہ ۾ رهندا هئا، يهودي توڙي يوناني، تن سڀني خدا جو ڪلام ٻُڌو.


انهيءَ طرح خداوند جو ڪلام ڏاڍو وڌندو ۽ زور وٺندو ويو.


تنهنڪري دميتريس، ۽ ٻيا جيڪي سندس ڌنڌي وارا ساڻس گڏ آهن، تن کي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ عدالت کُليل آهي ۽ حاڪم ويٺا آهن؛ ڀلي تہ وڃي مقدمو ڪن.


۽ هو مڙيئي اٽڪل ٻارهن ڄڻا هئا.


هاڻي انهي هنڌ جي ويجهو پبلوس جي زمين هئي، جو اُنهي ٻيٽ جو سردار هو؛ سو اسان کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ ڏاڍي مهرباني ڪري ٽي ڏينهن اسان جي مهماني ڪيائين.


۽ جنهن دانائيءَ ۽ روح سان هو ڳالهائيندو هو، تنهن جو مقابلو هو ڪري ڪين سگهندا هئا.


هاڻي جڏهن هو شاهدي ڏيئي ۽ خدا جو ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن يروشلم ڏانهن موٽيا، ۽ سامرين جي گهڻن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبري ٻُڌايائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ