Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي انتاڪيہ ۾ جيڪا ڪليسيا هئي، تنهن ۾ نبي ۽ معلم هوندا هئا، جيئن تہ برناباس ۽ شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، ۽ ڪيرين جو رهاڪو لوسيس، ۽ منائين، جو ملڪ جي چوٿين پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي درٻار ۾ رهندو هو، ۽ شائول.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 انطاڪيا جي وشواسي منڊليءَ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙن ۽ سکيا ڏيندڙن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو راجا هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انطاڪيا جي ڪليسيا ۾ خدا جو پيغام ڏيندڙن ۽ استادن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو بادشاهہ هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:1
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن ڪريني جو هڪڙو ماڻهو، شمعون نالي ڏٺائون: انهي کي بيگر ۾ جهلي پاڻ سان وٺي ويا تہ يسوع جو صليب کڻي هلي.


هاڻي تبريس قيصر جي حڪومت جي پندرهين ورهيہ ۾، جن ڏينهن ۾ پنطيس پيلاطس يهوديہ جو حاڪم، ۽ هيروديس گليل جو حاڪم، ۽ ڀاڻس فلپس اِتوريہ ۽ ترخونيتس ملڪ جو حاڪم، ۽ لسانياس ابلينيءَ جو حاڪم هو،


سو ائين ئي ڪيائون، ۽ برناباس ۽ شائول جي هٿان بزرگن ڏانهن ڏياري موڪليائون.


۽ برناباس ۽ شائول پنهنجي خدمت پوري ڪري، ۽ يوحنا جنهن کي مرقس سڏيندا هئا، تنهن کي پاڻ سان وٺي يروشلم ۾ آيا.


پر شائول، جنهن کي پولس بہ چوندا آهن، تنهن پاڪ روح سان ڀرجي ڏانهنس چتائي نهاريو،


۽ يهوداہ ۽ سيلاس، جي پاڻ بہ نبي هئا، تن گهڻيئي ڳالهيون ٻُڌائي ڀائرن کي نصيحت ڪري مضبوط ڪيو.


پر پولس ۽ برناباس انتاڪيہ ۾ ترسي پيا، ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي سان گڏجي خداوند جي ڪلام جي تعليم ڏيندا، ۽ اُنهي جي خوشخبري ٻُڌائيندا رهيا.


۽ جڏهن پولس پنهنجا هٿ هنن تي رکيا، تڏهن پاڪ روح مٿن آيو؛ ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا.


هاڻي انهيءَ ماڻهوءَ کي چار ڪنواريون ڌيئرون هيون، جي نبوت ڪنديون هيون.


۽ يوسف جنهن کي رسولن برناباس جو لقب ڏنو هو، (جنهن جي معنيٰ آهي نصيحت جو پٽ) ۽ جو ليوي هو، ۽ جنهن جو وطن ڪپرس هو،


پر شائول اڃا بہ خداوند جي شاگردن کي ڌمڪائڻ ۽ قتل ڪرڻ جي خيال ۾ ٻڏل هو. سو سردار ڪاهن وٽ ويو،


منهنجو هم خدمت تيمٿيس، منهنجا مائٽ لوڪيس ۽ ياسون ۽ سوسيپطرس اوهان کي سلام ٿا ڏين.


جيڪو ماڻهو پنهنجو مٿو ڍڪي دعا ٿو گهُري، يا نبوت ٿو ڪري، سو پنهنجي مٿي کي بي آبرو ٿو ڪري.


۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.


محبت کي زوال ڪونهي؛ پر جي نبوتون هونديون تہ اهي بند ٿي وينديون؛ جي زبانون هونديون تہ اُهي بس ٿي وينديون؛ جي علم هوندو تہ اُهو ميٽجي ويندو.


۽ نبوت ڪرڻ وارا بہ ٻہ يا ٽي ڳالهائين، ۽ ٻيا هنن جي ڪلام جي جاچ ڪن.


۽ نبين جا روح نبين جي تابع آهن.


يا فقط مون کي ۽ برناباس کي اهو اختيار ڪونهي تہ پورهئي ڪرڻ کان نہ ڇُٽون؟


۽ باقي ٻين يهودين بہ سندس جهڙو ڍونگ ڪيو، ايتري قدر جو خود برناباس بہ انهن جي چال ۾ ڦاسي ويو.


۽ جيڪو فضل مون کي ڏنو ويو سو جڏهن هنن کي معلوم ٿيو تڏهن، يعقوب ۽ ڪيفاس ۽ يوحنا، جي ڪليسيا جا ارڪان ليکبا هئا، تن مون کي ۽ برناباس کي پنهنجو ساڄو هٿ ڏيئي، شراڪت ۾ قبول ڪيو، انهي لاءِ تہ اسين غير قومن ڏانهن وڃون، ۽ هو مختونن وٽ وڃن.


۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛


سڀ پاڪ ٿيل شخص اوهان کي سلام ٿا چون، خصوصن اُهي جي قيصر جي گهر جا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ