Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:9 - Sindhi Bible

9 سو هو ٻاهر نڪري سندس پٺيان ويو؛ ۽ ايتري خبر نہ پيس تہ جيڪي ملائڪ ٿو ڪري، سو سچ پچ ائين آهي، پر ڀانيائين تہ آئون ڪا رويا ٿو ڏسان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ دوت ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪو درشن ڏسي رهيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رهيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳو، پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رھيو ھو تنھن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رھيو آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻڌايائونس تہ يوسف اڃا جيئرو آهي، ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي. اهو ٻڌي هن جو هانءُ هارجي ويو، ڇالاءِ جو کيس هنن جي ڳالهين تي يقين ڪين آيو.


سو نوح ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪو بہ حڪم خدا ڏنو هوس، سو بجاءِ آندائين.


جڏهن خداوند صيون جي قيدين کي موٽائي آندو، تڏهن اسين انهن جهڙا هئاسين جي خواب ٿا لهن.


هن جي ماءُ نوڪرن کي چيو، تہ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو.


هاڻي جڏهن پطرس پنهنجي دل ۾ انهي فڪر ۾ هو تہ هي رويا جا مون ڏٺي، تنهن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تہ ڏسو، اُهي ماڻهو، جن کي ڪرنيليس موڪليو هو، سي شمعون جو گهر پُڇائي، دروازي تي اچي بيٺا؛


هن هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽين بجي رويا ۾ صاف صاف خدا جي هڪڙي ملائڪ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، جنهن چيس تہ اي ڪرنيليس!


مون يافا جي شهر ۾ دعا پئي گهُري تہ وجد ۾ هڪ رويا ڏٺم تہ هڪ ٿانءُ وڏي چادر وانگر چئني ڪُنڊن کان لٽڪيل آسمان مان هيٺ لهندو ٿو اچي؛ جو مون تائين اچي پهتو:


پوءِ ملائڪ چيس، تہ ڪمر ٻَڌ ۽ جُتي پاءِ، ۽ هن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس، تہ پنهنجو چوغو پاءِ، ۽ منهنجي پٺيان هليو اچ.


سو، اي بادشاهہ، آسمان مان جو اهو رويا ڏٺم، تنهن کان منهن نہ موڙيم.


هاڻي دمشق ۾ حنانياہ نالي هڪڙو شاگرد هو، تنهن کي خداوند رويا ۾ چيو، تہ اي حنانياہ! هن چيو، تہ اي خداوند، اِجهو حاضر آهيان.


ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ