Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:4 - Sindhi Bible

4 ۽ کيس جهلڻ کانپوءِ کڻي قيد ۾ وڌائينس، ۽ مٿس پهرو ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون رکي، انهن جي حوالي ڪيائينس، انهي مراد سان تہ فسح جي عيد کانپوءِ کيس ڪڍي ماڻهن جي اڳيان حاضر ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي تهوار کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ھن پطرس کي پڪڙڻ کان پوءِ کيس جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پھري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاھين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. ھيروديس جو منصوبو ھو تہ ھو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻھن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:4
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٽپال جي رستي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ڏانهن بہ لکيو ويو، تہ سڀني يهودين، ننڍن وڏن، ننڍن ٻارن توڙي زالن کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾، يعني ٻارهون مهينو، جو ادار جو مهينو آهي، تنهن جي تيرهين تاريخ، ناس ڪري، ڪُهي، چٽ ڪرائي ڇڏين، ۽ انهن جو مال ملڪيت پنهنجي لاءِ کڻن.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون سان مصر جي ملڪ ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ


ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.


سڀاڻي جي بابت ٻٽاڪ نہ هڻ، ڇالاءِ توکي خبر ناهي تہ ڏينهن جي اندر ڇا ٿيندو.


اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟


انهيءَ وقت هو اوهان کي عذابن ڏيڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪندا، ۽ سڀ قومون منهنجي نالي ڪري اوهان سان عداوت رکنديون.


پر هنن چيو تہ عيد جي ڏينهن نہ، متان اُمت ۾ ڪو گوڙ پيدا ٿئي.


هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون:


پر اُهي ڳالهيون ٿين، تنهن کان اڳي اهي اوهان کي اچي جهليندا، ۽ اوهان کي ستائيندا، ۽ عبادتخانن جي عدالت جي حوالي ڪندا، ۽ قيد خانن ۾ وجهندا، ۽ منهنجي نالي بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان اوهان کي کڙو ڪندا.


تنهن تي هن چيس، تہ اي خداوند، آئون توسان قيدخاني ۾، بلڪ موت تائين هلڻ لاءِ تيار آهيان.


پوءِ سپاهي جڏهن يسوع کي صليب تي چاڙهي چڪا، تڏهن سندس ڪپڙا کڻي چار حصا ڪيائون، هڪ هڪ لاءِ هڪ هڪ حصو؛ ۽ چوغو بہ کنيائون. هاڻي اُهو چوغو بنا ڳنڍ هو، يعني مٿان کان وٺي سڄو ئي اُڻيل هو،


آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون جوان هُئين، تڏهن تون پنهنجو سندرو پاڻ هي ٻَڌندو هُئين، ۽ جيڏانهن توکي وڻندو هو اوڏانهن گهُمندو ڦرندو هُئين: پر جڏهن پوڙهو ٿيندين، تڏهن پنهنجا هٿ ڊگهيريندين، ۽ ٻيو توکي چيلهہ سان ٻَڌي اوڏانهن وٺي ويندو، جيڏانهن تنهنجي دل نہ چوندي.


۽ جڏهن ڏٺائين تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي، تڏهن پطرس کي بہ جهلايائين. اهي فطيري عيد جا ڏينهن هئا.


سو پطرس تہ قيدخاني ۾ پهري هيٺ هو؛ پر ڪليسيا سندس لاءِ ڏاڍيءَ دل سان خدا کان دعا پئي گهُري.


تان تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر اڳيئي مقرر ٿيل هو سو پورو ڪن.


۽ کين پڪڙي کڻي قيدخاني ۾ وڌائون، جتي ٻئي ڏينهن جي صبح تائين پيا هئا: جو اوڏيءَ مهل سانجهي ٿي ويئي هئي.


۽ رسولن کي پڪڙي قيدخاني ۾ وڌائون.


پر شائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو، ۽ گهر گهر ۾ گهڙي مردن ۽ زالن کي گهلي قيد ڪرائيندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ