Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:23 - Sindhi Bible

23 ۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 انهيءَ دم پرميشور جي هڪڙي دوت هيروديس تي ڏمر پرگھٽ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ پرميشور جي مهانتا ۾ شريڪ ڪيو وڃڻ تي هو خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي شرير ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 انهيءَ دم خداوند جي هڪڙي ملائڪ هيروديس تي غضب نازل ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ شرڪ تي خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي جسم ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 انھيءَ دم خداوند جي ھڪڙي ملائڪ ھيروديس کي ڌڪ ھڻي ڪيرائي وڌو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ شرڪ تي خاموش رھيو. پوءِ تہ ھن ۾ جيت پئجي ويا ۽ ھو مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:23
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ رات هيئن ٿيو تہ خداوند جو ملائڪ نڪري آيو ۽ اسورين جي لشڪرگاهہ ۾ هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريائين: ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ اُنهن سڀني جا لاش پيا آهن.


۽ خداوند هڪڙو ملائڪ موڪليو، جنهن اسور جي بادشاهہ جي منزلگاهہ ۾ سڀني همت وارن بهادرن ۽ منهندارن ۽ سردارن کي وڍي ڇڏيو. انهيءَ طرح هو ڦڪو منهن کڻي موٽي پنهنجي وطن ڏي ويو، ۽ جڏهن هو پنهنجي معبود جي گهر ۾ آيو، تڏهن جيڪي خود سندس آنڊن مان نڪتا هئا، تن هن کي اتي ترار سان ماري وڌو.


۽ منهنجي کل جي انهيءَ طرح ناس ٿيڻ کان پوءِ بہ پنهنجي جسم ۾ آءٌ خدا کي ڏسندس:


منهنجو بت ڪينئن ۽ مٽيءَ جي ڳوڙهن سان ڍڪيو پيو آهي؛ منهنجي کل پورجيو وڃي ٿي ۽ وري نئين سر ڦٽيو ڦاٽيو پوي.


اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان.


ڇالاءِ جو خداوند مصرين جي مارڻ لاءِ لنگهندو؛ ۽ جڏهن هو سردرن ۽ ٻانهين تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگهي ويندو، ۽ تباهي آڻڻ واري کي اوهان جي گهرن ۾ اچڻ ڪين ڏيندو تہ اچي اوهان کي ماري.


پوءِ هيئن ٿيو جو آڌيءَ رات جو مصر جي ملڪ ۾ فرعون، جو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي پهريتي ٻار کان وٺي، قيدي، جو قيد خاني ۾ هو، تنهن جي پهريتي ٻار تائين، جيڪي بہ پهريتا ٻار هئا، ۽ جانورن جا جيڪي پهريتا ٻچا هئا، سي سڀ خداوند ماري وڌا.


تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجيءَ اُمت کان مٿي ٿو سمجهين ڇا، جو هنن کي وڃڻ نٿو ڏين؟


ماڻهو پنهنجي ڏاهپ آهر ساراهيو ويندو: پر جيڪو ڏنگيءَ دل وارو آهي سو ڌڪاريو ويندو.


تنهنجو تجمل ۽ تنهنجي سازن جي وڄڻ جو آواز آڻي دوزخ ۾ وڌو اٿن: ڪينئون تنهنجي هيٺان پکڙي پيو آهي ۽ ڪينئن توکي ڍڪي ڇڏيو آهي.


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


ڇالاءِ جو اڏوهي انهن کي ڪپڙي وانگي کائي ويندي، ۽ ڪينئون انهن کي اُن وانگي کائي ويندو. پر منهنجي راستبازي هميشہ تائين، ۽ منهنجي نجات پيڙهين تائين قائم رهندي.


۽ اهي ٻاهر نڪري انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا جن منهنجو گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهن جو ڪينئون نہ مرندو، ۽ نڪي انهن جي باهہ وسامندي؛ ۽ اُهي سڀني ماڻهن اڳيان ڪراهت جهڙي شيءِ ٿيندا.


اي آدمزاد، صور جي بادشاهہ کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل مٿي چڙهي ويئي آهي، ۽ تو چيو آهي تہ آءٌ هڪڙو خدا آهيان، ۽ خدا جي جاءِ تي سمنڊ جي وچ ۾ ٿو ويهان؛ انهي هوندي بہ تون انسان آهين ۽ نہ خدا، جيتوڻيڪ تو پنهنجي دل خدا جهڙي بنائي آهي.


پوءِ بہ تون پنهنجي قتل ڪرڻ واري جي اڳيان چوندين ڇا تہ آءٌ خدا آهيان؟ پر تون انسان آهين، نہ خدا؛ ۽ اُنهي جي هٿ ۾ آهين جو توکي زخمي ڪري ٿو.


۽ ماڻهو واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ هي خدا ٿو ڳالهائي، نہ انسان.


پر خداوند جو هڪڙو ملائڪ رات جو قيدخاني جا در کولي انهن کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيائين تہ


۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.


۽ انهي کان اٽڪل ڏهہ ڏينهن پوءِ، هيئن ٿيو تہ خداوند نابال کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ