Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:11 - Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ هاڻي مون کي پڪ ٿي آهي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي مان، ۽ جيڪا يهودي قوم جي اُميد هئي، تنهن کان ڇڏايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ ٿي تہ پرميشور پنهنجو دوت موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آهي ۽ يهودي ماڻهن جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آهي ۽ يهودي ماڻهن جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 جڏھن پطرس ھوش ۾ آيو، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنھنجو ملائڪ موڪلي مون کي ھيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آھي ۽ جيڪي يھودي قوم جا ارادا ھئا تن کان ڇڏايو اٿس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:11
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.


تڏهن خداوند ابرهام کي چيو تہ سارہ ڇو کلي چيو تہ آءٌ جا ٻڍي آهيان، سا سچ پچ پٽ ڄڻينديس ڇا؟


تڏهن ابي ملڪ، اسحاق کي چيو تہ ڏس، مون کي پڪ آهي تہ هيءَ تنهنجي زال آهي، پوءِ تو ڪيئن چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ تڏهن اسحاق چيس تہ انهيءَ لاءِ تہ مون سمجهيو تہ متان هن جي ڪري آءٌ ماريو وڃان.


جنهن ڏينهن خداوند دائود کي سندس سڀني دشمنن جي هٿان ۽ سائول جي هٿان ڇڏايو، انهي ڏينهن هن هيءُ گيت خداوند جي اڳيان ڳايو:


ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


جيڪڏهن منهنجي تنبوءَ جي ماڻهن ائين نہ چيو هجي، تہ ڪير اهڙو ماڻهو آهي جنهن هن وٽان گوشت سان ڍءُ نہ ڪيو آهي؟


هو ڇهن مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ستن ۾ بہ ڪا خرابي توکي نقصان نہ رسائيندي.


ڇو جو هو مسڪين جي ساڄي هٿ وٽ بيهندو، تہ جيڪي سندس جان تي فتويٰ ٿا ڏين تن کان کيس بچائي.


ڏسو جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ۽ هن جي رحمت ۾ اميد ٿا رکن، تن تي سندس نظر آهي؛


اُنهيءَ لاءِ تہ هو سندن جان کي موت کان ڇڏائي، ۽ ڏڪار ۾ کين جيئرو رکي.


خداوند پنهنجي ٻانهن جي جان بچائي ٿو: ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن مان ڪوبہ ڏوهي نہ ٺهرائبو.


جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا تن جي چوڌاري سندس فرشتو تنبو ٿو هڻي، ۽ اُنهن کي ڇڏائي ٿو.


خداوند انهي جي سنڀال ڪندو، ۽ کيس جيئرو رکندو، هو زمين تي مبارڪ ٿيندو؛ تون انهي کي سندس دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏ.


اوهين جيڪي خداوند کي پيار ٿا ڪريو، سي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو: هو پنهنجي مقدسن جي جان کي سنڀالي ٿو؛ هو انهن کي بڇڙن جي هٿان ڇڏائي ٿو.


تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڏسو، آءٌ چئن ماڻهن کي باهہ جي وچ ۾ کليل گهمندو ٿو ڏسان، ۽ انهن کي ڪوبہ ايذاءُ نہ پهتو آهي؛ ۽ چوٿين جي شڪل ولد الاهيءَ جهڙي آهي.


تڏهن نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جو خدا شل مبارڪ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي، جن سندس ٻانهن مٿس ڀروسو رکيو هو، ۽ جن بادشاهہ جو حڪم ٽاري ڇڏيو، ۽ پنهنجا بدن فدا ڪيا، انهي لاءِ تہ پنهنجي خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن معبود جي عبادت نہ ڪن، ۽ نہ ٻئي ڪنهن کي سجدو ڪن، تن کي بچايو آهي.


منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪليو آهي، ۽ شينهن جا وات بند ڪيا اٿس، ۽ انهن مون کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسايو آهي: ڇالاءِ جو جيئن انهي جي اڳيان آءٌ بي گناهہ سمجهيو ويس، تيئن، اي بادشاهہ، مون تنهنجي اڳيان ڪوبہ خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.


پر جڏهن هن پاڻ سنڀاليو، تڏهن چيائين تہ منهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڪيترن نوڪرن کي ججهي ماني پيئي ملي، ۽ آئون هتي بک پيو مران!


تہ ڏسو، خداوند جو ملائڪ اچي سندس اڳيان بيٺو، ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي؛ ۽ هن پطرس کي پاسي تي هٿ لائي جاڳائي چيو، تہ جلدي اُٿ. ۽ هٿڪڙيون سندس هٿن مان ڪِري پيون.


پر جڏهن ٻہ ورهيہ گذري ويا، تڏهن فيلڪس جي جاءِ تي پرڪيوس فيستس آيو؛ ۽ فيلڪس جي مرضي هئي تہ يهودين ۾ سرخرو ٿيان، تنهنڪري پولس کي قيد ۾ ئي ڇڏي هليو ويو.


پر فيستس جي مرضي هئي تہ يهودين ۾ سرخرو ٿيان، تنهنڪري پولس کي ورندي ڏيئي چيائين تہ يروشلم ۾ هلندين تہ اتي منهنجي اڳيان هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟


پر خداوند جو هڪڙو ملائڪ رات جو قيدخاني جا در کولي انهن کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيائين تہ


هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟


(تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ