Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:5 - Sindhi Bible

5 مون يافا جي شهر ۾ دعا پئي گهُري تہ وجد ۾ هڪ رويا ڏٺم تہ هڪ ٿانءُ وڏي چادر وانگر چئني ڪُنڊن کان لٽڪيل آسمان مان هيٺ لهندو ٿو اچي؛ جو مون تائين اچي پهتو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ مون کي درشن ڏنو ويو تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آڪاش مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ دعا گھري رهيو هئس تہ مون کي رويا ڏيکاري ويئي تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ”جڏھن آءٌ يافا شھر ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون رويا ڏٺي تہ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان ھيٺ لھندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پھتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن مون نهاريو، تڏهن ڏسو، هڪڙو هٿ مون ڏانهن ڊگهو ٿيو؛ ۽ ڏسو، انهيءَ ۾ هڪڙي ڪتاب جي ويڙهي هئي؛


هن فرمايو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان. تڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ منهنجي قوم اسرائيل جي پڇاڙي اچي بيٺي آهي؛ آءٌ اڳتي وري هنن کي معاف نہ ڪندس.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن آئون يروشلم ۾ آيس ۽ هيڪل ۾ دعا پئي گهُريم، تڏهن آئون بيخود ٿي ويس،


هاڻي دمشق ۾ حنانياہ نالي هڪڙو شاگرد هو، تنهن کي خداوند رويا ۾ چيو، تہ اي حنانياہ! هن چيو، تہ اي خداوند، اِجهو حاضر آهيان.


هاڻي يافا ۾ هڪڙي شاگردياڻي هئي، جنهن جو نالو طبيتا هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”هرڻي“؛ اُها زال گهڻا ئي نيڪ ڪم ڪندي ۽ خيراتون ڏيندي هئي.


جيئن تہ لدہ يافا جي ويجهو هو، شاگردن ٻُڌو تہ پطرس اتي آهي، تڏهن ٻہ ماڻهو وٽس موڪلي منٿ ڪيائونس تہ اسان وٽ جلدي هليو اچ.


سو اها ڳالهہ ساري يافا ۾ مشهور ٿي ويئي، ۽ گهڻن ئي کي خداوند تي ايمان آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ