Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:27 - Sindhi Bible

27 هاڻي هيئن ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاڪيہ ۾ آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 انهن ڏينهن ۾ ڪي مسيح تي وشواس رکندڙ جيڪي ايشور جو سنديش ڏيندا هئا، سي يروشلم مان انطاڪيا ڏانهن آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 انهن ڏينهن ۾ ڪي مسيح تي ايمان رکندڙ جيڪي خدا جو پيغام ڏيندا هئا، سي يروشلم مان انطاڪيا ڏانهن آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 انھن ڏينھن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاخيا ڏانھن آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:27
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي انتاڪيہ ۾ جيڪا ڪليسيا هئي، تنهن ۾ نبي ۽ معلم هوندا هئا، جيئن تہ برناباس ۽ شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، ۽ ڪيرين جو رهاڪو لوسيس، ۽ منائين، جو ملڪ جي چوٿين پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي درٻار ۾ رهندو هو، ۽ شائول.


۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،


۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛


۽ يهوداہ ۽ سيلاس، جي پاڻ بہ نبي هئا، تن گهڻيئي ڳالهيون ٻُڌائي ڀائرن کي نصيحت ڪري مضبوط ڪيو.


تہ ”خدا ٿو فرمائي تہ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، جو آئون پنهنجو روح انسان ذات تي نازل ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، ۽ اوهان جا جوان رويا ڏسندا، ۽ اوهان جا پير مرد خواب ڏسندا:


تنهنڪري ڏسو، آئون اوهان ڏانهن نبي ۽ داناءَ ماڻهو ۽ فقيهہ موڪليان ٿو: انهن مان ڪن کي اوهين قتل ڪندا ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ڪن کي اوهين پنهنجين عبادتگاهن ۾ چهبڪ هڻندا، ۽ شهر شهر ستائيندا وتندا.


۽ نبين جا روح نبين جي تابع آهن.


هاڻي انهيءَ ماڻهوءَ کي چار ڪنواريون ڌيئرون هيون، جي نبوت ڪنديون هيون.


اُتي جڏهن شاگردن کي ڳولي لڌوسين، تڏهن ست ڏينهن اُتي ٽڪي پياسين، ۽ هنن روح جي هدايت سان پولس کي چيو تہ يروشلم ۾ نہ وڃ.


انهي لاءِ خدا جي دانائيءَ فرمايو آهي، تہ آئون نبين ۽ رسولن کي اُنهن وٽ موڪليندس، جن مان اُهي ڪن کي ماري وجهندا، ۽ ڪن کي ستائيندا؛


اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:


پر منجهانئن ڪي ڪپرس ۽ ڪرين جا ماڻهو هئا، جي انتاڪيہ ۾ آيا هئا، اُهي يونانين کي بہ خداوند جي خوشخبري ٻُڌائڻ لڳا.


۽ سندن هيءَ خبر يروشلم واريءَ ڪليسيا جي ڪنن تائين وڃي پهتي: ۽ اُنهن برناباس کي انتاڪيہ تائين موڪليو.


۽ اُتان جهاز تي چڙهي انتاڪيہ ڏانهن روانا ٿيا، جتي کين انهي ڪم جي لاءِ، جو هنن هاڻ پورو ڪيو هو، خدا جي فضل لاءِ سونپيو هئائون.


تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:


سو هو موڪلائي نڪتا ۽ انتاڪيہ ۾ اچي پهتا؛ ۽ جماعت کي گڏ ڪري اُهو خط کين ڏنائون.


۽ جڏهن قيصريہ ۾ اچي لٿو، تڏهن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيائين، ۽ پوءِ انتاڪيہ ڏانهن ويو.


۽ ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جون طاقتون، ڪنهن کي نبوت، ڪنهن کي روحن جي سياڻپ، ڪنهن کي طرح طرح جون ٻوليون، ۽ ڪنهن کي ٻولين جو ترجمو ڪرڻ،


پر جڏهن ڪيفاس انطاڪيہ ۾ آيو، تڏهن مون سندس منهن تي ئي سندس مخالفت ڪئي، ڇو جو هو ڏوهاري هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ