Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:26 - Sindhi Bible

26 ۽ جڏهن لڌائينس، تڏهن انتاڪيہ ۾ وٺي آيس. ۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙو سڄو سال ڪليسيا سان گڏ رهندا آيا، ۽ گهڻن ماڻهن کي تعليم ڏيندا رهيا؛ ۽ شاگرد پهريائين انتاڪيہ ۾ مسيحي سڏجڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين ڪليسيا جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي تعليم ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو ايمان وارا پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 جڏھن ھن کي ڳولي لڌائين، تڏھن کيس انتاخيا ۾ وٺي آيو. ھو ٻئي ڪليسيا جي ماڻھن سان سڄو سال ملندا رھيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کي تعليم ڏنائون. اھو انتاخيا ۾ ئي ٿيو جو شاگرد پھريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:26
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اوهين پنهنجو نالو منهنجن چونڊيلن جي لاءِ لعنت وانگي ڇڏيندا، ۽ خداوند خدا توکي قتل ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن بندن کي ٻئي نالي سان سڏيندو؛


تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:


۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي.


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


پر منجهانئن ڪي ڪپرس ۽ ڪرين جا ماڻهو هئا، جي انتاڪيہ ۾ آيا هئا، اُهي يونانين کي بہ خداوند جي خوشخبري ٻُڌائڻ لڳا.


۽ سندن هيءَ خبر يروشلم واريءَ ڪليسيا جي ڪنن تائين وڃي پهتي: ۽ اُنهن برناباس کي انتاڪيہ تائين موڪليو.


هاڻي هيئن ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاڪيہ ۾ آيا،


سو شاگردن مان هرهڪ ارادو ڪيو تہ جيڪي ڀائر يهوديہ ۾ رهندا آهن، تن ڏانهن پنهنجي وسعت آهر ڪجهہ مدد طور موڪليون.


پر اڃا شاگرد سندس آسپاس بيٺا هئا، تہ هو اُٿي بيٺو، ۽ شهر ۾ آيو؛ ۽ ٻئي ڏينهن برناباس سان گڏجي دربي ڏانهن ويو.


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


۽ جڏهن هرهڪ ڪليسيا ۾ سندن لاءِ بزرگ مقرر ڪري رهيا، ۽ هنن جي لاءِ روزا رکي دعا گهُري رهيا، تڏهن کين خدا، جنهن تي ايمان آندو هئائون، تنهن جي حوالي ڪيائون.


۽ اُتي اچي جڏهن ڪليسيا کي گڏ ڪيائون، تڏهن جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو ۽ ڪهڙيءَ طرح غير قومن جي لاءِ ايمان جو در کوليو هئائين، سو سڀ بيان ڪري ٻُڌايائون.


۽ هو شاگردن وٽ ڳچ وقت ٽڪي پيا.


۽ جڏهن مرضي ٿيس تہ پار لنگهي اخيہ ۾ وڃان، تڏهن ڀائرن هن کي همتايو، ۽ شاگردن ڏانهن لکيائون تہ قبول ڪجوس. ۽ جڏهن هو اتي اچي پهتو، تڏهن جن فضل جي ڪري ايمان آندو هو، تن جي گهڻي مدد ڪيائين:


پر جڏهن ڪن سخت دل ٿي نہ مڃيو، ۽ ماڻهن جي اڳيان انهي طريقي جي گلا ڪرڻ لڳا، تڏهن هن کانئن پاسو ڪيو، ۽ شاگردن کي بہ ڌار ڪيائين، ۽ هر روز ترونس جي مدرسي ۾ بحث ڪندو رهيو.


جڏهن هل بس ٿيو، تڏهن پولس شاگردن کي سڏي انهن کي نصيحت ڪئي، پوءِ کانئن موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.


۽ خود اوهان منجهان ئي اهڙا ماڻهو نڪرندا، جي شاگردن کي پنهنجي پاسي آڻڻ لاءِ اُبتيون اُبتيون ڳالهيون ڪندا.


اُتي جڏهن شاگردن کي ڳولي لڌوسين، تڏهن ست ڏينهن اُتي ٽڪي پياسين، ۽ هنن روح جي هدايت سان پولس کي چيو تہ يروشلم ۾ نہ وڃ.


تڏهن اگرپا پولس کي چيو، تہ تون ٿوريءَ ئي ڪوشش سان مون کي مسيحي ڪرڻ ٿو گهُرين.


هاڻي انهن ڏينهن ۾، جڏهن شاگردن جو شمار وڌندو ويو، تڏهن يونان جا يهودي عبرانين جي شڪايت ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو روزمرہ جي کاڌي جي ورڇ وقت، سندن بيوهہ زالن جي پوري پوئواري ڪانہ ٿيندي هئي.


اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:


پوءِ هن ماني کاڌي ۽ طاقت آيس. ڪجهہ ڏينهن تائين هو ۽ دمشق ۾ جيڪي شاگرد هئا، تن سان گڏ گذاريندو رهيو.


جيئن تہ لدہ يافا جي ويجهو هو، شاگردن ٻُڌو تہ پطرس اتي آهي، تڏهن ٻہ ماڻهو وٽس موڪلي منٿ ڪيائونس تہ اسان وٽ جلدي هليو اچ.


ڇالاءِ جو پهريائين مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو آهي تہ ڪليسيا ۾ گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ جدائيون ٿيون ٿين؛ ۽ انهيءَ ڳالهہ تي مون کي ڪجهہ قدر اعتبار بہ اچي ٿو؛


ڇالاءِ جو جيئن بدن هڪڙو آهي ۽ ان جا عضوا گهڻا آهن ۽ بدن جا سڀ عضوا، اگرچہ گهڻا آهن، تہ بہ گڏجي هڪ بدن آهن، تيئن مسيح بہ آهي.


تنهنڪري جيڪڏهن ساري ڪليسيا هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي، ۽ سڀيئي ڌاريون ٻوليون ڳالهائين، ۽ جيڪڏهن اوپرا يا بي دين ماڻهو اندر لنگهي اچن، تہ اُهي ائين ڪين چوندا تہ اوهين چريا آهيو؟


انهي سبب ڪري مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو ۽ ايماندار فرزند آهي، ۽ اُهو منهنجي هلت چلت جا مسيح ۾ آهي سا اوهان کي ياد ڏياريندو، جيئن ڪ آئون جتي ڪٿي سڀ ڪنهن ڪليسيا ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان.


جنهن جي نالي آسمان ۾ ۽ زمين جي سڀ ڪنهن خاندان کي نالو ٿو ملي،


جنهن عزت واري نالي سان اوهين سڏبا آهيو، تنهن جي نسبت ۾ هو ڪفر نٿا بڪن ڇا؟


جيڪڏهن مسيح جي نالي اوهان کي طعنا ٿا هڻن تہ اوهين مبارڪ آهيو؛ ڇالاءِ جو جلال جي روح، يعني خدا جي روح جي اوهان تي ڇانوَ آهي.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيحي هئڻ سببان ڏک سهي تہ انهي لاءِ تہ شرمندو نہ ٿئي؛ بلڪ انهي نالي جي ڪري خدا جي وڏائي ڪري.


باقي هن اوهان کي جيڪو مسح ڪيو آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهان کي انهي جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري، پر جيئن انهي جو مسح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو، ۽ اُهو سچو آهي ۽ ڪوڙو ڪينهي، ۽ جيئن انهي اوهان کي سيکاريو، تيئن اوهين منجهس قائم رهندا اچو.


تنهنڪري آئون توکي صلاح ٿو ڏيان تہ مون کان باهہ ۾ صاف ٿيل سون خريد ڪر تہ تون دولتمند ٿين؛ ۽ اڇا ڪپڙا وٺ تہ پاڻ کي ڍڪين، ۽ تنهنجي اوگهڙ جو شرم ظاهر نہ ٿئي؛ ۽ پنهنجين اکين ۾ پائڻ لاءِ سرمو وٺ تہ ڏسي سگهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ