Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:22 - Sindhi Bible

22 ۽ سندن هيءَ خبر يروشلم واريءَ ڪليسيا جي ڪنن تائين وڃي پهتي: ۽ اُنهن برناباس کي انتاڪيہ تائين موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 اهي خبرون جڏهن يروشلم جي وشواسي منڊليءَ ۾ پهتيون تہ انهن برنباس کي انطاڪيا ڏانهن موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اهي خبرون جڏهن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پهتيون تہ انهن برنباس کي انطاڪيا ڏانهن موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ھي خبرون جڏھن يروشلم جي ڪليسيا ۾ پھتيون تہ انھن برنباس کي انتاخيا ڏانھن موڪليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جيڪي رسول ۽ ڀائر يهوديہ ۾ هئا، تن ٻُڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام مڃيو آهي.


هاڻي جيڪا مصيبت استيفنس جي ڪري اچي پيئي هئي، تنهنڪري جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي گهُمندي گهُمندي فينيڪي، ۽ ڪپرس، ۽ انتاڪيہ تائين وڃي نڪتا، پر يهودين کانسواءِ ڪنهن بہ ٻئي کي ڪلام ڪين ٻُڌائيندا هئا.


پر منجهانئن ڪي ڪپرس ۽ ڪرين جا ماڻهو هئا، جي انتاڪيہ ۾ آيا هئا، اُهي يونانين کي بہ خداوند جي خوشخبري ٻُڌائڻ لڳا.


۽ جڏهن لڌائينس، تڏهن انتاڪيہ ۾ وٺي آيس. ۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙو سڄو سال ڪليسيا سان گڏ رهندا آيا، ۽ گهڻن ماڻهن کي تعليم ڏيندا رهيا؛ ۽ شاگرد پهريائين انتاڪيہ ۾ مسيحي سڏجڻ لڳا.


هاڻي هيئن ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ ڪي نبي يروشلم مان انتاڪيہ ۾ آيا،


۽ جڏهن پولس ۽ برناباس سان هنن جو گهڻو بحث ۽ تڪرار هليو؛ تڏهن ڀائرن اهو ٺهراءُ ڪيو تہ پولس ۽ برناباس ۽ انهن مان ڪي ٻيا، انهي سوال بابت رسولن ۽ بزرگن وٽ يروشلم ۾ وڃن.


تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:


۽ جڏهن قيصريہ ۾ اچي لٿو، تڏهن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيائين، ۽ پوءِ انتاڪيہ ڏانهن ويو.


اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:


هاڻي جيڪي رسول يروشلم ۾ هئا، تن کي جڏهن خبر پيئي، تہ سامرين خدا جو ڪلام مڃيو آهي، تڏهن پطرس ۽ يوحنا کي انهن ڏانهن موڪليائون.


پر برناباس هن کي وٺي رسولن وٽ آيو، ۽ هنن کي ٻُڌايائين تہ ڪهڙيءَ طرح هن واٽ تي خداوند کي ڏٺو، ۽ انهي ساڻس ڳالهايو، ۽ ڪيئن دمشق ۾ بي ڊپو ٿي يسوع جي نالي جي منادي ڪيائين.


پر جڏهن ڪيفاس انطاڪيہ ۾ آيو، تڏهن مون سندس منهن تي ئي سندس مخالفت ڪئي، ڇو جو هو ڏوهاري هو.


پر جڏهن هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي اسان وٽ آيو، ۽ اوهان جي ايمان ۽ محبت جي چڱي خبر اسان کي ڏنائين، ۽ هيئن بہ چيائين تہ اوهين هميشہ اسان کي ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گهڻي سڪ اٿوَ، جيئن ڪ اسان کي بہ اوهان جي آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ