Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:21 - Sindhi Bible

21 ۽ خداوند جو هٿ مٿن هو: ۽ گهڻائي جن ايمان آندو سي خداوند ڏانهن ڦريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 جيئن تہ انهن تي پرميشور جو هٿ هو، سو گھڻا ئي ماڻهو سندن سنديش ٻڌي وشواس آڻيندي پرڀو يسوع ڏانهن ڦري آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جيئن تہ انهن تي خداوند جو هٿ هو، سو گھڻا ئي ماڻهو سندن پيغام ٻڌي ايمان آڻيندي خداوند عيسيٰ ڏانهن ڦري آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 جيئن تہ خداوند جو مٿن ھٿ ھو، سو ڪيترائي ماڻھو ڏانھس ڦري آيا ۽ خداوند تي ايمان آندائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:21
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ تي بہ خدا جو هٿ هو تہ هنن کي هڪ دل ڪري، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي ڪلام موجب بادشاهہ ۽ اميرن جي حڪم جي تعميل ڪن.


ڇالاءِ جو پهرين مهيني جي پهرين تاريخ بابل مان هو نڪتو، ۽ پنجين مهيني جي پهرين تاريخ، سندس خدا جو جيڪو چڱو هٿ مٿس هو، تنهن موجب، هو يروشلم ۾ پهتو.


۽ اسان تي جو خدا جو چڱو هٿ هو، تنهنڪري محلي بن لاوي بن اسرائيل جي پٽن مان هڪڙو سمجهو ماڻهو هو اسان وٽ وٺي آيا؛ ۽ سربياہ، سندس پٽن ۽ ڀائرن سميت، ڪل ارڙهن ڄڻا؛


۽ مون هنن کي ٻڌايو تہ منهنجي خدا جو هٿ مون تي چڱائيءَ لاءِ آهي؛ ۽ جيڪي بادشاهہ مون کي چيو هو سو بہ ٻڌايومان. تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي اڏايون. انهيءَ طرح هنن انهيءَ چڱي ڪم لاءِ پنهنجا هٿ مضبوط ڪيا.


۽ هڪڙو خط آسف بادشاهہ جي ٻيلي جي نگهبان ڏانهن ڏئي، تہ هو مون کي ڪاٺ ڏئي، تہ جيڪو قلعو گهر سان تعلق ٿو رکي، تنهن جي دروازن جا ۽ شهر جي ڀت جا، ۽ انهيءَ گهر جا شهتير جوڙيان، جنهن ۾ آءٌ وڃڻو آهيان. تڏهن، ڇالاءِ جو منهنجي خدا جو مون تي چڱائيءَ لاءِ هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪيو.


جيڪو پيغام اسان کي مليو آهي، تنهن تي ڪنهن ايمان آندو آهي؟ ڪنهن تي خداوند جي ٻانهن ظاهر ٿي آهي؟


ڏسو، خداوند جو هٿ ننڍو نہ ٿيو آهي، جو هو بچائي نہ سگهي؛ نڪي هن جو ڪن گهٻرو ٿيو آهي، جو هو ٻڌي نہ سگهي:


۽ جن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تن سڀني اُهي دل ۾ رکي چيو، تہ هيءُ ڪهڙو ٻار ٿيندو؟ ڇالاءِ جو خداوند جو هٿ مٿس هو.


ڇالاءِ جو هو پاڻ نيڪ شخص هو، ۽ پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو: ۽ گهڻائي ماڻهو خداوند جي ڪليسيا ۾ اچي شامل ٿيا.


تنهنڪري منهنجو فيصلو هي آهي، تہ غير قومن مان جيڪي خدا ڏانهن ڦري ٿا اچن، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون؛


۽ خدا جي تعريف ڪندا هئا؛ ۽ سڀني ماڻهن وٽ عزت هُين، ۽ جن کي نجات ٿي ملي، تن کي خداوند روزبروز آڻي ساڻن شامل ڪندو هو.


پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.


۽ گهڻيئي مرد توڙي زالون، جن خداوند تي ايمان آندو، سي انهن سان شامل ٿيندا ويا؛


۽ خداوند جو ڪلام پکڙندو ويو، ۽ شاگردن جو شمار يروشلم ۾ تمام گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ ڪاهنن جي وڏي جماعت ايمان جي تابع ٿي.


۽ جيڪي لدہ ۽ شارون ۾ رهندا هئا، تن سڀني هن کي ڏٺو، ۽ خداوند ڏانهن ڦريا.


ڇالاءِ تہ اسان جي خوشخبري اوهان وٽ نہ فقط لفظن ۾ آهي، پر قدرت، ۽ پاڪ روح ۾ پوريءَ خاطريءَ سان آهي؛ جو خبر اٿوَ تہ اوهان جي خاطر اسين اوهان سان ڪيئن هلندا هئاسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ