Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:19 - Sindhi Bible

19 هاڻي جيڪا مصيبت استيفنس جي ڪري اچي پيئي هئي، تنهنڪري جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي گهُمندي گهُمندي فينيڪي، ۽ ڪپرس، ۽ انتاڪيہ تائين وڃي نڪتا، پر يهودين کانسواءِ ڪنهن بہ ٻئي کي ڪلام ڪين ٻُڌائيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري وشواسي ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پرڀو يسوع بابت ايشور جو سنديش نہ ٻڌائيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ خداوند عيسيٰ بابت خدا جو پيغام نہ ٻڌائيندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جيڪا مصيبت آئي، تنھن جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انھن مان ڪي تہ فينيڪي، قبرص ۽ انتاخيا تائين وڃي پھتا. اتي يھودين کان سواءِ ھو ٻئي ڪنھن کي بہ خدا جو ڪلام نہ ٻڌائيندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:19
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ اسرائيل جي گهراڻي جون رڍون جيڪي گمراهہ ٿي ويون آهن، تن وٽ وڃو.


تڏهن يهودي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪيڏانهن وڃڻو آهي، جو اسين لهي ڪين سگهنداسونس؟ يونان منجهہ جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن، تن وٽ وڃي يونانين کي تعليم ڏيندو ڇا؟


پر منجهانئن ڪي ڪپرس ۽ ڪرين جا ماڻهو هئا، جي انتاڪيہ ۾ آيا هئا، اُهي يونانين کي بہ خداوند جي خوشخبري ٻُڌائڻ لڳا.


۽ سندن هيءَ خبر يروشلم واريءَ ڪليسيا جي ڪنن تائين وڃي پهتي: ۽ اُنهن برناباس کي انتاڪيہ تائين موڪليو.


هاڻي انتاڪيہ ۾ جيڪا ڪليسيا هئي، تنهن ۾ نبي ۽ معلم هوندا هئا، جيئن تہ برناباس ۽ شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، ۽ ڪيرين جو رهاڪو لوسيس، ۽ منائين، جو ملڪ جي چوٿين پتيءَ جي حاڪم هيروديس جي درٻار ۾ رهندو هو، ۽ شائول.


سو اهي پاڪ روح جي موڪلڻ موجب سلوڪيہ ڏانهن ويا؛ ۽ اتان جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانا ٿيا.


سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.


۽ اُتان جهاز تي چڙهي انتاڪيہ ڏانهن روانا ٿيا، جتي کين انهي ڪم جي لاءِ، جو هنن هاڻ پورو ڪيو هو، خدا جي فضل لاءِ سونپيو هئائون.


تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:


تنهنڪري ڪليسيا کين روانو ڪيو، ۽ هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگهي، واٽ تي ٻُڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومون خدا ڏانهن ڦري آيون آهن. اهو ٻُڌي ڀائرن کي نهايت خوشي ٿي.


سو هو موڪلائي نڪتا ۽ انتاڪيہ ۾ اچي پهتا؛ ۽ جماعت کي گڏ ڪري اُهو خط کين ڏنائون.


پر پولس ۽ برناباس انتاڪيہ ۾ ترسي پيا، ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي سان گڏجي خداوند جي ڪلام جي تعليم ڏيندا، ۽ اُنهي جي خوشخبري ٻُڌائيندا رهيا.


تنهن تي اهڙو سخت تڪرار ٿيو، جو هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿي پيا. ۽ برناباس مرقس کي وٺي جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانو ٿيو؛


۽ جڏهن قيصريہ ۾ اچي لٿو، تڏهن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيائين، ۽ پوءِ انتاڪيہ ڏانهن ويو.


۽ قيصريہ جي شاگردن مان بہ ڪي اسان سان گڏجي هليا، ۽ هنن ڪپرس جي هڪڙي رهاڪو مناسون کي بہ ساڻ کنيو، جو جهونو شاگرد هو، ۽ جنهن وٽ اسان کي ٽڪڻو هو.


۽ هڪڙو جهاز جو فينيڪيءَ ڏانهن سڌو وڃڻو هو سو مليوسين، تنهن تي چڙهي روانا ٿياسين.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


۽ يوسف جنهن کي رسولن برناباس جو لقب ڏنو هو، (جنهن جي معنيٰ آهي نصيحت جو پٽ) ۽ جو ليوي هو، ۽ جنهن جو وطن ڪپرس هو،


اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:


پر جڏهن ڪيفاس انطاڪيہ ۾ آيو، تڏهن مون سندس منهن تي ئي سندس مخالفت ڪئي، ڇو جو هو ڏوهاري هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ