Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:43 - Sindhi Bible

43 سڀ نبي انهي جي شاهدي ٿا ڏين تہ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، تنهن کي سندس نالي گناهن جي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 انهيءَ بابت ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻيندو، تنهن جا پاپ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 انهيءَ بابت سڀني نبين جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنهن جا گناهہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 انھيءَ بابت سڀني نبين جي شاھدي آھي تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو، تنھن جا گناھہ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:43
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجي جان جي ڏکن جو ڦل ڏسي راضي ٿيندو: منهنجو راستباز بندو پنهنجي علم جي ڪري گهڻن کي سچار ٺهرائيندو: هو انهن جون خطائون کڻندو.


۽ هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي پاڙيسريءَ کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ائين چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سڃاڻ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هو سڀ مون کي سڃاڻندا، ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي بدڪاري معاف ڪندس، ۽ هنن جو گناهہ وري اڳتي ياد نہ ڪندس.


ستر هفتا تنهنجي قوم تي ۽ تنهنجي پاڪ شهر تي مقرر ٿيل آهن، جنهن عرصي ۾ گنهگاري پوري ٿيندي ۽ گناهہ موقوف ٿي ويندا، ۽ گناهہ جو ڪفارو ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ جٽاءُ ڪندڙ سچائي ايندي، ۽ رويا ۽ نبوت تي مهر ٿيندي، ۽ جيڪو سڀ کان پاڪ آهي تنهن کي مسح ڪيو ويندو.


تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.


جيڪو ايمان آڻي بپتسما وٺندو، اُهو نجات حاصل ڪندو؛ پر جيڪو ايمان نہ آڻيندو، اُهو ڏوهاري ٺهرايو ويندو.


۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.


فلپس نتن ايل کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ جنهن جو ذڪر موسيٰ توريت ۾، ۽ نبين پڻ ڪيو آهي، سو اسان لڌو آهي، يعني يوسف جو پٽ يسوع ناصري.


پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيڪو منهنجو ڪلام ٻُڌي ٿو، ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي مڃي ٿو، تنهن جي ئي هميشہ جي زندگي آهي، ۽ اُهو عدالت ۾ نٿو اچي، پر موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيو آهي.


۽ ايمان جي وسيلي هنن جون دليون پاڪ ڪري، اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ ڪوبہ فرق ڪونہ رکيائين.


تڏهن پطرس چين تہ اوهين توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجن گناهن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي بپتسما وٺي، تہ پوءِ اوهان کي پاڪ روح جي بخشش ملندي.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


پر خدا جي مدد سان اڄ تائين آئون قائم رهندو اچان، ۽ ننڍي توڙي وڏي جي اڳيان شاهدي ڏيندو اچان، ۽ رڳو اُهي ڳالهيون ٿو ٻُڌايان، جن بابت نبي ۽ موسيٰ اڳيئي چئي ويا آهن تہ ٿينديون؛


سو انهي نالي ڪري ۽ انهي جي نالي تي ايمان رکڻ جي ڪري، هي ماڻهو جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا، سَگهو ٿيو آهي: هائو، سندس ايمان جو هن تي آهي، تنهن جي ئي ڪري اوهان سڀني جي اڳيان هو بلڪل چڱو ڀلو ٿيو آهي.


پر جي ڳالهيون خدا پنهنجن سڀني نبين جي واتان اڳيئي ڏيکاريون هيون، تہ سندس مسيح ڏک سهندو، سي انهيءَ طرح پوريون ڪيائين.


پاڪ ڪتاب چوي ٿو تہ ”جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


پر هاڻي خدا جي راستبازي ظاهر ٿي آهي، جنهن جو شريعت سان ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي، جنهن جي شاهدي شريعت ۽ نبين ڀري آهي؛


تنهنڪري جڏهن اسين ايمان جي ڪري راستباز ٺهرايا وياسين، تڏهن اچو تہ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ڪريون.


ڇالاءِ جو گناهہ جي مزوري موت آهي، پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ هميشہ جي زندگي آهي.


تنهنڪري هاڻي جيڪي مسيح يسوع ۾ آهن، تن تي سزا جو حڪم ڪونهي.


ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟


مگر پاڪ ڪتاب سڀ ڪجهہ گناهہ هيٺ بند ڪري رکيو آهي، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري اُهو واعدو ايمان وارن کي ملي.


۽ انهي ۾ اسان کي سندس رت جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آهي؛ يعني سندس فضل جي دولت موافق اسانجن گناهن جي معافي ملي آهي.


جنهن ۾ اسان کي نجات، يعني پنهنجي گناهن کان معافي مليل آهي.


هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو،


۽ پڇا ڪيائون تہ ڪهڙي شخص يا زماني ڏانهن، مسيح جو روح جو منجهن هو، اشارو ٿو ڪري تہ مسيح ڏک سهندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


۽ آئون کيس سجدي ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪِري پيس. ۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، متان ائين ڪرين: آئون تو سان ۽ جيڪي تنهنجا ڀائر يسوع جي شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان؛ خدا کي سجدو ڪر: ڇالاءِ جو يسوع جي شاهدي نبوت جو روح آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ