Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:41 - Sindhi Bible

41 نہ سڄيءَ اُمت کي، پر انهن شاهدن کي، جن کي خدا اڳيئي چونڊيو هو؛ يعني اسان کي، جي جڏهن هو وري جي اُٿيو، تڏهن ساڻس گڏ کائيندا پيئندا هئاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 ايشور سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيوت ٿي اٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 خدا سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيئرو ٿي اٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 خدا سڄيءَ قوم کي نہ، بلڪ انھن شاھدن کي پڌرو ڪري ڏيکاريو جن کي اڳي ئي چونڊي ڇڏيو ھئائين، يعني اسان کي. اسين ئي ساڻس گڏ کائيندا پيئندا ھئاسون، جڏھن خدا کيس وري جيئرو ڪري اٿاريو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:41
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سان گڏ کائڻ ويٺو، تڏهن ماني کڻي اُن تي برڪت گهُريائين، ۽ پوءِ اُها ڀڃي هنن کي ڏنائين.


اوهين انهن ڳالهين جا شاهد آهيو.


يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو.


باقي گهڙي ساعت آهي، ۽ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي؛ پر اوهين مون کي ڏسندا: ڇالاءِ جو آئون جيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ جيئندا.


يهوداهہ (نہ اسڪريوتي) چيس، تہ اي خداوند، ڇا ٿيو آهي جو تون اسان کي پنهنجو پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندين، ۽ دنيا کي نہ؟


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.


۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.


يسوع اچي ماني کڻي کين ڏني، ۽ مڇي بہ ڏنائين.


يعني يوحنا جي بپتسما کان وٺي، انهي ڏينهن تائين جڏهن ڪ هو اسان وٽان مٿي چڙهي ويو، تن مان هڪڙو ضرور يسوع جي وري جي اُٿڻ جو شاهد رهي.


۽ ساڻن گڏجي کين تاڪيد ڪيائين تہ يروشلم کان ٻاهر نہ وڃجو پر ابي جو واعدو، جيڪو اوهان مون کان ٻُڌو، تنهن جو انتظار ڪجو:


۽ جيڪي ڪہ هن يهودين جي ملڪ ۾، ۽ يروشلم ۾ ڪيو، تنهن سڀ جا اسين شاهد آهيون. پر هنن کيس صليب تي چاڙهي لٽڪائي ماريو.


۽ جيڪي ساڻس گڏ گليل مان يروشلم ۾ آيا هئا، سي گهڻن ڏينهن تائين کيس ڏسندا رهيا، ۽ اُهي ئي اُمت جي اڳيان سندس شاهد آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ