Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:39 - Sindhi Bible

39 ۽ جيڪي ڪہ هن يهودين جي ملڪ ۾، ۽ يروشلم ۾ ڪيو، تنهن سڀ جا اسين شاهد آهيون. پر هنن کيس صليب تي چاڙهي لٽڪائي ماريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 اسين انهن سڀني ڪمن جا شاهد آهيون، جيڪي هن يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ علائقي ۾ ڪيا هئا. تڏهن بہ انهن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

39 اسين انهن سڀني ڪمن جا شاهد آهيون، جيڪي هن يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ علائقي ۾ ڪيا هئا. تڏهن بہ انهن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 اسين انھن سڀني ڪمن جا شاھد آھيون، جيڪي ھن يھودين جي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيا ھئا. پر انھن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ماريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:39
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جهڙيءَ طرح جن شروع کان ئي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ ڪلام جا خادم هئا، تن اهي اسان کي سونپي ڏنيون،


اوهين انهن ڳالهين جا شاهد آهيو.


۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.


يعني يوحنا جي بپتسما کان وٺي، انهي ڏينهن تائين جڏهن ڪ هو اسان وٽان مٿي چڙهي ويو، تن مان هڪڙو ضرور يسوع جي وري جي اُٿڻ جو شاهد رهي.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا.


نہ سڄيءَ اُمت کي، پر انهن شاهدن کي، جن کي خدا اڳيئي چونڊيو هو؛ يعني اسان کي، جي جڏهن هو وري جي اُٿيو، تڏهن ساڻس گڏ کائيندا پيئندا هئاسين.


۽ جيڪي ساڻس گڏ گليل مان يروشلم ۾ آيا هئا، سي گهڻن ڏينهن تائين کيس ڏسندا رهيا، ۽ اُهي ئي اُمت جي اڳيان سندس شاهد آهن.


اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.


تہ اوهان سڀني کي، ۽ اسرائيل جي ساريءَ اُمت کي معلوم هجي، تہ يسوع مسيح ناصري، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، ۽ جنهن کي خدا وري مُئلن مان جياريو، تنهن جي نالي تي، ۽ تنهن جي ڪري هي ماڻهو هتي اوهان جي اڳيان چڱو ڀلو ٿيو بيٺو آهي.


اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛


مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ