Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:2 - Sindhi Bible

2 هو ديندار ماڻهو هو، ۽ پاڻ توڙي سندس گهراڻو سڀ خدا جو ڊپ رکندا هئا؛ ۽ هو اُمت کي گهڻي خيرات ڏيندو هو، ۽ هميشہ خدا کان دعا گهُرندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ڌرمچاري ۽ ايشور جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت ايشور کي پيو پرارٿنا ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هو ۽ هن جو سڄو ڪٽنب ديندار ۽ خدا جو خوف رکندڙ هو. غريب يهودين جي هو ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ هر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھو ۽ ھن جو سڄو ڪٽنب ديندار ھو ۽ خدا کان ڊڄندا ھئا. غريب يھودين جي ھو ڏاڍي مدد ڪندو ھو ۽ ھر وقت خدا کان پيو دعا گھرندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:2
51 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


تڏهن تون پنهنجي رهڻ جي هنڌ آسمان ۾ ٻڌج، ۽ جيئن هو پرديسي توکي سڏي عرض ڪري تيئن تون ڪج؛ تہ زمين جون سڀ قومون تنهنجو نالو سڃاڻن، ۽ توکان ڊڄن، جهڙيءَ طرح تنهنجي قوم اسرائيل ٿي ڪري، ۽ هو ڄاڻن تہ هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي، سو تنهنجي نالي سان سڏبو آهي.


تڏهن تون آسمان مان، يعني پنهنجي رهڻ جي جاءِ مان ٻڌج، ۽ جنهن ڪم لاءِ اهو پرديسي توکي سڏي، اهو سندس ڪم پورو ڪج؛ تہ ڀلي زمين جون سڀ قومون، تنهنجو نالو سڃاڻن ۽ توکان ڊڄن، جيئن ڪ تنهنجي قوم اسرائيل ڪري ٿي، ۽ ڀلي تہ هو ڄاڻن تہ هي گهر جيڪو مون جوڙيو آهي، سو تنهنجي نالي سان ٿو سڏجي.


عوض جي ملڪ ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ايوب هو؛ اهو ڪامل ۽ سچو هو، ۽ خدا کان ڊڄندو هو، ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندو هو.


۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن انهن جي مجلس ڪرڻ جا ڏينهن لنگهي ويندا هئا تڏهن ايوب هنن کي پاڪ ڪندو هو، ۽ هو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار موجب سوختني قربانيون چاڙهندو هو: ڇالاءِ جو ايوب چوندو هو تہ متان منهنجن پٽن گناهہ ڪيو هجي، ۽ پنهنجي دل ۾ خدا کي ڇڏي ڏنو هجي. انهيءَ طرح هميشہ ايوب ڪندو هو.


تنهن ڪري قومون خداوند جي نالي کان ڊڄنديون، ۽ زمين جا سڀ بادشاهہ تنهنجي جلال کان ڊڄندا رهندا:


مبارڪ آهن اهي جي هن جون شاهديون ٿا مڃين، ۽ پوريءَ دل سان سندس ڳولا ٿا ڪن.


مون کي پنهنجيءَ سچائيءَ ۾ هلاءِ، ۽ مون کي تعليم ڏي؛ ڇالاءِ جو تون ئي منهنجي ڇوٽڪاري جو خدا آهين؛ آءٌ سڄو ڏينهن تنهنجي انتظار ۾ آهيان.


مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو غريب جو خيال ٿو رکي: خداوند ان کي مصيبت جي وقت ڇڏائيندو.


سانجهيءَ جو، ۽ صبح جو، ۽ ٻنپهرن جو. آءٌ روئي فرياد ڪندس: ۽ هو منهنجو آواز ٻڌندو.


اي خداوند مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ سڄو ڏينهن توکي پيو پڪاريان.


اي خداوند، اي منهنجي نجات جا خدا، مون رات ڏينهن تنهنجي حضور ۾ دانهون ڪيون آهن.


چڱو ائين آهي تہ تون انهي کي قابو ڪري جهلين؛ هائو. انهي کان پنهنجو هٿ بہ نہ ڪڍي وٺ: ڇالاءِ جو جيڪو خدا کان ڊڄي ٿو، سو انهن سڀني کان جند ڇڏائي نڪري اچي ٿو.


تڏهن الهندي وارا خداوند جي نالي کان ڊڄندا، ۽ اُڀرندي وارا سندس جلال کان؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ ڇوهہ نديءَ وانگي ايندو، جنهن کي خداوند خدا جو دم ڪاهيندو اچي.


۽ جڏهن داني ايل کي خبر پئي تہ انهي لکيل حڪم تي صحيح پيئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گهر ويو؛ (سندس ڪوٺيءَ جون دريون يروشلم ڏانهن هيون)؛ ۽ هن ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي دعا گهري، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان سندس شڪر بجا آندو، جيئن هو اڳي ڪندو هو.


تڏهن بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي هو داني ايل کي وٺي آيا ۽ کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائونس. هاڻي بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو، تہ تنهنجو خدا، جنهن جي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو توکي بچائيندو.


۽ جڏهن هو غار وٽ پهتو تڏهن داني ايل کي پڪاري، ڏک جهڙي آواز سان چيائينس، تہ اي داني ايل، جيئري خدا جا ٻانها، جنهن پنهنجي خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو توکي شينهن کان ڇڏائي سگهيو آهي يا نہ؟


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي بادشاهت جي سڀني ڀاڱن ۾ ماڻهو داني ايل جي خدا جي حضور ڏڪن ۽ ڊڄن: ڇالاءِ جو اهو ئي جيئرو خدا آهي ۽ هميشہ قائم آهي، ۽ هن جي بادشاهت اهڙي آهي جا ناس ٿيڻ جي ڪانهي، ۽ هن جي حڪومت پڇاڙيءَ تائين قائم رهندي.


ساڳيءَ طرح جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ ٻيا ٻہ ڪمايا.


۽ انهيءَ مراد سان تہ هميشہ دعا گهرڻ کپي، ۽ ڪڏهن همت نہ هارجي، هن انهن کي هڪڙو مثال ڏيئي چيو،


۽ ڏسو، يروشلم ۾ شمعون نالي، هڪڙو شخص هو، جو راستباز ۽ ديندار ماڻهو هو، سو اسرائيل جي تسليءَ لاءِ اکيون پائي ويٺو هو، ۽ پاڪ روح مٿس هو.


هنن چيس تہ ڪرنيليس صوبيدار، جو راستباز ۽ خدا ترس ماڻهو آهي، ۽ يهودين جي سڄيءَ قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس، تنهن کي خدا کان پاڪ ملائڪ جي وسيلي هدايت ملي آهي، تہ توکي پنهنجي گهر گهُرائي توکان ڪلام ٻُڌي.


۽ چوڻ لڳو، تہ اي ڪرنيليس، تنهنجي دعا قبول پيئي آهي، ۽ تنهنجي خيرات خدا جي حضور ۾ ياد آهي.


پر سڀ ڪنهن قوم ۾ جيڪو کانئس ڊڄي ٿو ۽ راستبازيءَ تي هلي ٿو، سو وٽس قبول ٿو پوي.


۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.


۽ جنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو، سو جڏهن هليو ويو، تڏهن هن پنهنجي ٻن نوڪرن کي، ۽ جيڪي سپاهي هميشہ سندس خدمت ۾ رهندا هئا، تن مان هڪڙي ديندار سپاهيءَ کي سڏيو،


۽ هو توکي اهو ڪلام ٻُڌائيندو، جنهنڪري تنهنجي ساري گهر کي نجات ملندي.


تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڏيئي چوڻ لڳو تہ اي اسرائيليو! ۽ اوهين جن کي خدا جو ڊپ آهي، سي ڪَن ڏيئي ٻُڌو،


اي ڀائرو، ابراهيم جا اولاد، ۽ اي خدا ترس ماڻهو، اسان وٽ اِهو نجات جو ڪلام موڪليو ويو آهي.


پر يهودين خدا پرست آبروءَ وارين زالن کي، ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن کي چوريو، ۽ پولس ۽ برناباس تي ظلم کڙو ڪرايو، ۽ هنن کي پنهنجي سرحد کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.


۽ عبادتخاني جي سردار ڪرسپس، توڙي سندس خاندان، خدا تي ايمان آندو؛ ۽ ڪيترن ئي ڪرنٿين بہ پولس جي ڳالهہ ٻُڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


هاڻي ساري زمين تي جيڪي قومون آهن، تن مان ديندار يهودي يروشلم ۾ رهندا هئا.


۽ حنانياہ نالي هڪڙو شخص، جو شريعت موجب ديندار هو، ۽ جيڪي يهودي اُتي رهندا هئا، تن ۾ معتبر هو،


۽ ديندار ماڻهن استيفنس کي وڃي دفن ڪيو، ۽ انهي لاءِ ڏاڍو ماتم ڪيائون.


خداوند چيس تہ اُٿ، انهيءَ گهٽيءَ ۾ وڃ، جنهن کي سنئين ڪري سڏيندا آهن، ۽ يهوداهہ جي گهر ۾، ترسس واري شائول جي وڃي پڇا ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، هو دعا پيو گهُري؛


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


هاڻي يافا ۾ هڪڙي شاگردياڻي هئي، جنهن جو نالو طبيتا هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”هرڻي“؛ اُها زال گهڻا ئي نيڪ ڪم ڪندي ۽ خيراتون ڏيندي هئي.


دعا گهُرڻ ۾ قائم رهو، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ ۾ هوشيار رهو؛


پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ